Book Name:Talib e Ilm e Deen Par Karam Ho Gaya
جو ٿورو اندازو لڳايوآهي، عُلما فرمائن ٿا: * سڀني کان گهٽ مرتبي وارو امّتي اهو آهي، جنهن جي دل ۾ ايمان جو نور ته موجود آهي پر ان جي زندگي گناهن ۾ گذري رهي آهي، هي سڀني کان گهٽ مرتبي وارو آهي * پوءِ ان کان مٿي صالح مؤمن يعني نيڪ مسلمان جو مرتبو آهي * پوءِ ان کان مٿي شهيد جو مرتبو آهي * پوءِ ان کان مٿي متّقي پرهيزگار جو مرتبو آهي * متّقي پرهيزگار کان مٿي مُجۡتهِد جو مرتبو آهي * مُجۡتهِد کان مٿي اَوتاد آهن * اوتاد کان مٿي ابدال * ابدال کان مٿي قُطب * قُطب کان مٿي قُطبُ الاَقطاب * قُطۡبُ الۡاَقۡطاب کان مٿي غوث * غوث کان مٿي غوثِ اعظم * پوءِ اهڙيءَ طرح وِلايت جا مرتبا آهن * انهن ولايت جي تمام مرتبن ۾ مٿي مرتبو صحابه جو آهي* صحابه رَضِىَ اللهُ عَـنْهُم ۾ بلند مرتبو انصاري صحابه رَضِىَ اللهُ عَـنْهُم جو آهي* انصارکان مٿي مهاجرين جو مرتبو * مهاجرين ۾ سڀني کان مٿي مرتبو صدّيق جو آهي * صدّيق کان مٿي نبي * نبيءَ کان مٿي رسول * رسول کان مٿي انبياء اُولُوالۡعَزم * انبياء اُولُوالعزم ۾ حضرت ابراهيم خليل الله عَلَيهِ السَّلَام جو مرتبو * ۽ حضرت ابراهيم خليل الله کان مٿي خاتَمُ النَّبِیین، رَحْمَۃُ لِّلْعَالَمِیْن، حبيبِ رَبُّ الْعَالَمِیْن جو مرتبو آهي.[1]
الله اڪبر! اي عاشقانِ رسول! غور فرمايو هي هڪ اجمالي بيان آهي، حقيقت ۾ الله پاڪ جي پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو ڇا مقام ۽ مرتبو آهي، هي ته ڪير سڃاڻي نٿو سگهي، صرف اجمالي طور انهن مرتبن کي ئي ڏٺو وڃي ته اسان جا آقا و مولا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ هڪ ادنٰي امّتيءَ تي ڪيترا درجا فضيلت رکن ٿا، هاڻي حديث پاڪ ٻڌندا! ارشاد فرمايائون: هڪ عالمِ دين عبادت گذار مسلمان تي اهڙي فضيلت رکندو آهي جهڙي منهنجي فضيلت هڪ ادنٰي امّتيءَ تي آهي. هي عُلماءِ ڪرام جو شان....!!