Book Name:Shan e Ali Bazban e Nabi
آهيو) الله پاڪ جي نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻيهر فرمايو: اَلَسْتُمْ تَعْلَمُوْنَ اَنِّي اَوْلٰي بِکُلِّ مُؤْمِنٍ مِنْ نَفْسِهٖ ڇا توهان کي خبر ناهي ته مان هر مسلمان جو ان جي جان کان وڌيڪ مالڪ آهيان۔ صحابه ڪرام عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان ٻيهر عرض ڪيو: بَلٰي ڇو نه، (يا رسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! اوهان اسان مان هر هڪ جا ان جي جان کان وڌيڪ مالڪ آهيو) هاڻي مالِڪ و مختار نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پياري صحابي، حسنين ڪريمين جي والدِ محترم حضرت مولا علي رَضِىَ اللهُ عَنۡه جو هٿ پنهنجي مبارڪ هٿ ۾ وٺي فرمايائون: مَنْ کُنْتُ مَوْلَاهُ فَعَلِيٌ مَوْلَاهُ جنهن جو مان موليٰ آهيان، ان جو علي موليٰ آهي۔ پوءِ پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ دعا گھري: اَللّٰهُمَّ وَالِ مَنْ وَالَاهُ وَ عَادِمَنْ عَادَاهُ اي الله پاڪ! جيڪو علي سان محبت ڪري، تون ان سان محبت فرماءِ ۽ جيڪو علي سان دشمني رکي، تون ان سان دُشمني فرماءِ۔([1])
جس کسی کا میں ہوں مولیٰ، اس کے مولیٰ ہیں علی ہے یہ قولِ مصطفےٰ مولیٰ علی مشکل کُشا([2])
صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
سُبْحٰنَ الله! سُبْحٰنَ الله! اي عاشقانِ رسول! هن حديثِ پاڪ ۾ سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ صاف صاف فرمائي ڇڏيو ته حضرت علي المرتضيٰ هر مسلمان جا موليٰ آهن۔ حڪيم الامت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هتي وَلِي (يعني موليٰ) جي معنيٰ خليفو نه آهي، بلڪ هن جي معنيٰ آهي: دوست يا مدد گار۔ يعني اسان جي آقا ۽ موليٰ، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ فرمان جو مطلب هي آهي ته جنهن جنهن جو مان محبوب ۽ مددگار آهيان، ان جو علي به دوست، محبوب ۽ مددگار آهي۔ ([3])
اي عاشقانِ صحابه و اهلِ بيت! هتان کان اهو به معلوم ٿي ويو ته ياعَلِي مدد چوڻ بلڪل جائِز آهي ڇوته اسان جي آقا، نورِ خُدا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ قيامت تائين اچڻ