Book Name:Shan e Ali Bazban e Nabi
ڪري مان پريشان آهيان۔ حضرت علي المرتضي شيرِ خُدا رَضِىَ اللهُ عَنۡه کجورون وڪڻ واري سان ان عورت جي سِفارش ڪئي ۽ فرمايائون: کجورون واپس وٺو ۽ هن ويچاريء جا دِرهم موٽائي ڏيو، هي ته ٻانهيء آهي، پنهنجي مرضي نٿي هلائي سگھي۔ حضرت مولا علي رَضِىَ اللهُ عَنۡه وڏي عاجزي وارا هئا، جيئن اڄڪلھ ٿيندو آهي ته بادشاھ ڪٿي ويندا آهن ته مڪمل پروٽوڪول سان ويندا آهن، سيڪورٽي گارڊز گڏ هوندا آهن، حضرت موليٰ علي رَضِىَ اللهُ عَنۡه سان گڏ اهڙي سيڪورٽي نه هئي، پاڻ عام ماڻهن وانگر ئي بازار ۾ ويندا هئا، کجورون وڪڻڻ واري کين ڪونه سڃاتو، حضرت علي رَضِىَ اللهُ عَنۡه جڏهن عورت جي سفارش ڪئي ته دُڪان واري مَعَاذ الله! حضرت علي المرتضي رَضِىَ اللهُ عَنۡه کي ڌڪا ڏنا۔ ماڻهن جڏهن اِهو منظر ڏٺو ته دُڪان واري کي چيائون: ڇا توکي خبر آهي تون جنهن کي ڌڪو ڏنو آهي، اهو ڪير آهي؟ چيائين: نه، مون کي خبر ناهي۔ ماڻهن ٻڌايو: هي اَمِيرُ المُؤمِنِين حضرت علي المرتضيٰ شيرِ خُدا رَضِىَ اللهُ عَنۡه آهن۔ هاڻي اهو شخص گھٻرائجي جلدي جلدي ان عورت کان کجورون واپس ورتيون، ان جا درهم ان کي واپَس موٽائي ڏنائين ۽ حضرت علي رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي خدمت ۾ حاضر ٿي عاجزي سان عرض ڪيائين: سائين! مان چاهيان ٿو ته اوهان مون سان راضي ٿي وڃو۔ مولاءِ ڪائنات، حضرت مولا علي رَضِىَ اللهُ عَنۡه فرمايو: جيڪڏهن منهنجي رضا چاهيو ٿا ته ماڻهن جا حق پُورا پُورا ادا ڪريو...!!([1])
یاعلیَّ المرتضیٰ، مولیٰ علی مشکل کُشا آپ ہیں شیرِ خُدا مولیٰ علی مشکل کُشا
صاحِبِ لطف و عطا مولیٰ علی مشکل کُشا ہیں شہیدِ باوَفا مولیٰ علی مشکل کُشا([2])
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيبِ! صَلَّي الله ُعَلٰي مُحَمَّد
اي عاشقانِ رسول! هن سبق آموز واقعي ۾ اسان جي لاءِ سکڻ جا کوڙ مدني گل آهن۔ سڀ کان پهريان ته هي ڏسو ته حضرت علي المرتضيٰ رَضِىَ اللهُ عَنۡه ڪيتري