Qabren Pegham-e-Fana Deti Hain

Book Name:Qabren Pegham-e-Fana Deti Hain

توهان تي برڪتون نازِل فرمائي! جڏهن اسان قبرن ۾ پهچنداسين، ڪاش! اسان تي رحم ڪيو وڃي.  

   ان شخص پنهنجي لاءِ هڪ خالي قبر کوٽي رکي هئي، قبرستان وارن سان ڪلام ڪرڻ کان بعد اهو شخص ان خالي قبر ۾ داخِل ٿيو ۽ پنهنجو ڳل زمين تي رکي زور زور سان چوڻ لڳو: هاءِ منهنجي خرابي! جڏهن مون کي اڪيلو قبر ۾ رکيو ويندو، قبر مون کي پُڪاري چوندي: تنهنجي لاءِ خُوش آمديد نه آهي، مان تنهنجي لاءِ ڪشادي نه ٿينديس، تون منهنجي مٿان رهي الله پاڪ جي نافرماني ڪندو هئين، اڄ تون منهنجي اندر آيو آهين، هاڻي مان تو تي تنگ ٿي وينديس، اڄ توکي مصيبتن ۾ گرفتار ڪيو ويندو۔ هاءِ افسوس! پوءِ جڏهن قيامت جي ڏينهن مان پنهنجي قبر مان نڪرندس، منهنجي گُنَاهن جو بوجھ منهنجي پٺي تي هوندو، منهنجا ماءُ پيءُ مون کان پري ڀڄندا، افسوس! اهو حشر جو ميدان جڏهن هڪ پُڪارڻ وارو مون کي پُڪاريندو، مان پنهنجي پاڙيسرين جي صَف مان نڪري سامهون ايندس، منهنجا پوشيده گُنَاھ کلي چڪا هوندا، مان ماڻهن جي وچ ۾ شرمسار ۽ ذليل بيٺل هوندس، منهنجو غم طويل ٿي ويندو، پوءِ مان رَبِّ قهار جي بارگاھ ۾ پيش ڪيو ويندس۔ هاءِ افسوس! اهو وقت ڪيترو سخت وقت هوندو۔ الله پاڪ فرمائيندو: اي ٻانها! تون گُنَاھ ڪندي وقت ماڻهن کان تون لڪي ويندو هئين پر مان ته توکي ڏسي رهيو هوندو هئس، ڇا منهنجو ڏسڻ توهان جي لاءِ ڪجھ اهميت نه رکندو هو...؟

هي چوندي چوندي اهو شخص بيهوش ٿي ويو، جڏهن اُن کي هوش آيو ته آسمان جي طرف ڏسندي الله ڪريم کي پُڪارڻ لڳو۔ حضرت عبد الله بن عباس رَضِىَ اللهُ عَنۡه بيهي هي سڄو منظر ڏسي رهيا هئا، هاڻي پاڻ اڳتي وڌيا ۽ جنهن قبر اندر اهو شخص ليٽل هو، ان جي ويجھو وڃي فرمايائون: پيارا دوست! تو گُنَاهن کان بچڻ جو ڪيترو پيارو طريقو اپنايو آهي، ها! اهڙي طرح سان گُنَاهن کي پاڙان پٽي سگھجي ٿو۔ پوءِ پاڻ ماڻهن ڏانهن ڏسي فرمايائون: جيڪڏهن هي ڪفن چور آهي ته ڪاش! سڀئي اهڙا ئي هجن ها۔([1])


 

 



[1]... بستان الواعظین ، صفحہ:166 و167ملتقطاً۔