Book Name:Qabren Pegham-e-Fana Deti Hain
لباس حرام ڪمائي مان حاصل ٿئي ان ۾ فرض ۽ نفل ڪا نماز قبول ناهي ٿيندي * مَنقُول آهي: جنهن ويهي ڪري عمامو ٻڌو، يا بيهي ڪري سَراوِيل (يعني پاجامو يا سلوار) پاتي ته الله ان کي اهڙي مرض ۾ مبتلا فرمائيندو جنهن جي دوا ناهي. * پائڻ مهل ساڄي پاسي کان شروع ڪيو (جو سنت آهي) مثلاً جڏهن ڪُرتو پايو ته پهرين آستين ۾ ساڄو هٿ داخل ڪيو پوءِ کاٻو هٿ کاٻي آستين ۾ * اهڙي طرح پاجامو پائڻ مهل پهرين ساڄي پانچي ۾ ساڄو پير داخل ڪيو ۽ جڏهن (ڪُرتو يا پاجامو) لاهيو ته ان جو خلاف يعني کاٻي پاسي کان شروع ڪيو * بهارِ شريعت ۾ آهي: سنت هي آهي ته دامن جي ڊيگھ اڌ پني تائين هجي ۽ آستين جي ڊيگھ وڌ مان وڌ آڱرين جي پورن تائين ۽ ويڪر هڪ گرانٺ هجي * سنت هي آهي مرد جو تهبند (گوڏ) يا پاجامو ڀيڏين کان مٿي رهي * مرد مردانو ۽ عورت زنانو ئي لباس پائي، ننڍن ٻارن ۽ ٻارڙين ۾ به هن ڳالهه جو لحاظ رکو * بهارِ شريعت ۾ آهي مرد جي لاءِ دُن کان هيٺ گوڏن جي هيٺ تائين عورت آهي يعني ان جو ڍڪيل هجڻ فرض آهي، دُن هن ۾ داخل ناهي ۽ گوڏا داخل آهن. هن زماني ۾ ڪئي اهڙا آهن جيڪي تهبند (گوڏ) ائين پائيندا آهن جو پيڙو (يعني دُن جي هيٺ) جو ڪجھ حصو کليل رهندو آهي * جيڪڏهن ڪُرتي وغيره سان اهڙي طرح ڍڪيل هجي جو جِلد (يعني کل) جي رنگت نه چمڪي ته خير، نه ته حرام آهي ۽ نماز ۾ چوٿائي برابر کليل رهي ته نماز نه ٿيندي. خصوصاً حج و عمري جي اِحرام وارن کي هن ۾ سخت احتياط جي ضرورت آهي * اڄڪلهه ڪجھ ماڻهو سر عام ماڻهن جي سامهون نيڪر (هاف پينٽ) پائي گھمندا آهن جنهن سان انهن جا گوڏا ۽ رانون نظر اينديون آهن هي حرام آهي، اهڙن جي کليل گوڏن ۽ رانن ڏانهن نظر ڪرڻ به حرام آهي، بالخصوص راند روند جي ميدان، ورزش جي جڳهن ۽ سمنڊ جي ڪناري تي اهڙا منظر گھڻا هوندا آهن ـ تنهنڪري اهڙن