Book Name:Tilawat e Quran Kay Shoqeen
ٿو، جيڪو قرآنِ ڪريم کي پنهنجو هادِي ۽ رهنماء بڻائي وٺي ٿو، قرآنِ مجيد قبر جي تنهائين ۾ به ان جو ساٿ ڏي ٿو، حشر جي وَحشتن ۾ به ساٿ ڏي ٿو، ڪٿي، ڪنهن مقام تي پنهنجي چاهيندڙ کي اڪيلو نٿو ڇڏي، ايستائين جو تِلاوت ڪرڻ واري کي جنّت تائين پهچائي ڇڏي ٿو۔ صحابيء رسول حضرت ابوهريره رَضِى اللهُ عَنْه کان روايت آهي، صاحِبِ قرآن، محبوبِ رحمٰن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: قرآنِ ڪريم قيامت جي ڏينهن ايندو ۽ تِلاوت ڪرڻ واري جي سفارش ڪندي الله پاڪ جي بارگاھ ۾ چوندو: اي رَبِّ ڪريم! هن کي زينت عطا فرماءِ۔ پوءِ تلاوت ڪرڻ واري کي ڪرامت جو تاج پارايو ويندو۔ قرآنِ ڪريم چوندو: یَا رَبِّ زِدْہُ اِلٰهي! اِضَافو فرماءِ۔ پوءِ تِلاوت ڪرڻ واري کي ڪرامت جو لباس پارايو ويندو، قرآنِ ڪريم چوندو: یَارَبِّ اِرْضِ عَنْہُ اي رَبِّ ڪريم! هن ٻانهي سان راضِي ٿي وڃ۔ الله پاڪ ان سان راضي ٿي ويندو ۽ حڪم ٿيندو: اي ٻانها قرآنِ ڪريم پڙھندو وڃ، جنّت جا درجات پار ڪندو وڃ۔([1])
تلاوت کروں ہر گھڑی یااِلٰہی! بکوں نہ کبھی بھی میں واہی تباہی
قيامت جي ڏينهن تِلاوت ڪرڻ واري تي ڪرم
هڪ حديثِ پاڪ ۾ آهي، الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: جيڪو ٻانهو ڏينهن ۽ رات ۾ قرآنِ ڪريم جي تِلاوت ڪندو آهي، قرآنِ ڪريم جي حلال کي حلال ۽ حرام کي حرام سمجھندو آهي، الله پاڪ ملائڪن کي سندس رفيق (يعني ساٿي) بڻائيندو آهي۔ جڏهن قيامت جو ڏينهن ٿيندو، قرآنِ ڪريم ان ٻانهي جي لاءِ الله پاڪ جي بارگاھ ۾ دليلون ڏيندو، قرآن چوندو: اي رَبِّ ڪريم! هر شخص دُنيا ۾ پنهنجي ڪم جي اُجرت وٺندو هو پر فُلاڻو شخص، اهو ڏينهن ۽ رات ۾ منهنجي تِلاوت ڪندو هو، منهنجي حلال کي حلال ۽ حرام کي حرام سمجھندو هو، يا رَبّ! اڄ ان کي اجر عطا فرماءِ۔