Book Name:Tilawat e Quran Kay Shoqeen
روزانو هڪ ڀيرو قرآنِ ڪريم ختم ڪندا هئا۔([1]) * حضرت محمد بن ڪعب قُرَظِي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه تمام وڏي رُتبي وارا تابعي آهن (يعني پاڻ صحابيء رسول جي زيارت ڪئي آهي)، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه به تِلاوتِ قرآن جو گھڻو شوق رکندا هئا، پاڻ فرمائن ٿا: مان سڄي رات سورت زلزال ۽ قارعه پڙهندو آهيان ۽ انهن ۾ غوروفڪر ڪندو آهيان، اها ڳالھ مون کي سڄو قرآن پڙهڻ کان وڌيڪ پسند آهي۔۔([2])
گجرات جو هڪ مشهور بادشاھ گذريو آهي؛ سطان محمود اَوّل۔ نائين صدي هجري ۾ گجرات تي سندن حڪومت هئي، هڪ ڀيري رمضان المبارڪ جي ڇهويهين رات هئي، سلطان محمود اَوَّل عالم سڳورن جي خِدمت ۾ حاضِر هو ۽ تِلاوتِ قرآن جون فضيلتون بيان ٿي رهيون هيون، هڪ عالِم صاحب فرمايو: قيامت جي ڏينهن سج ويجھو اچي ويندو، سڀئي ماڻهو پريشاني ۾ مبتلا هوندا پر جيڪو شخص قرآنِ مجيد جو حافِظ هوندو، اهو ۽ سندس والدين نُورِ رحمت جي ڇانو ۾ هوندا، انهن تي سج جي گرمي اَثَر نه ڪندي۔ هي ٻُڌي سلطان محمود ٿڌو ساھ ڀرندي چيو: افسوس! اسان جي اولاد ۾ ڪو به حافِظِ قرآن نه آهي، تنهنڪري مان ته هي سَعَادت حاصِل نه ڪري سگھندس.
هن مجلس ۾ سلطان محمود جو پٽ خليل خان به موجود هو، عيد کان بعد خليل خان ٻئي شهر هليو ويو ۽ قرآنِ ڪريم حِفظ ڪرڻ شروع ڪيائين، خليل خان ڏينهن رات محنت ڪنو رهيو، قرآنِ ڪريم جي خوب تِلاوت ڪئي، وڏي محنت سان قرآنِ مجيد حِفظ ڪندو رهيو، ايستائين جو اکين ۾ ڳاڙهاڻ اچي وئي، ڊاڪٽرن چيو: رات جو جاڳڻ ۽ تِلاوت جي ڪثرت جي سبب اکين ۾ ڳاڙهاڻ آئي آهي، تنهنڪري ڪجھ ڏينهن جي لاءِ آرام ڪريو۔ خليل خان تڙپي چيو: اکيون ڳاڙهيون ٿي ويون ته ڇا ٿيو؟ اِنْ شَآءَ الله الْڪَرِيْم! اها ڳاڙهاڻ دُنيا ۽ آخرت ۾ سُرخروئي (يعني ڪاميابي) ڏياريندي، مان پنهنجي پڙھائي ۾ ڪمي نٿو