Book Name:Tilawat e Quran Kay Shoqeen
پڙھائيندي گذاريائون۔ مسجدِ نبوي شريف ۾ 70 سالن تائين دَرسِ قرآن ڏيندا رهيا۔ جڏهن پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه قرآنِ ڪريم پڙھائيندا هئا ته وات مان خوشبو ايندي هئي، ڪنهن پڇا ڪئي: ڇا اوهان خوشبو لڳائيندا آهيو؟ فرمايائون: نه، مان خوشبو ناهيان لڳائيندو، هڪ ڀيري مون کي خواب ۾ سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي زيارت نصيب ٿي، خوشبودار نبي، مڪي مدني، مُحَمَّد عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ منهنجي وات جي قريب ٿي تِلاوت فرمائي رهيا هئا، انهيء ڏينهن کان منهنجي وات مان خوشبو ايندي آهي۔([1])
امام ابو بڪر رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو شوقِ تلاوت
امام ابوبڪر بن عَيّاش رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه به قراءَت جا تمام وڏا امام هئا، پاڻ سڄي زِندگي قرآنِ ڪريم پڙھندي پڙھائيندي گذاري، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو 40 سال تائين هي معمول رهيو جو روزانو هڪ ختمِ قرآن ڪندا هئا۔([2]) 50 سال تائين سندن لاءِ بستر نه وڇايو ويو۔([3]) روزانو رات جو عبادت ڪندا هئا۔ جڏهن سندن وفات جو وقت آيو ته سندن ڀيڻ روئڻ لڳي، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمايائون: ڇو روئين ٿي...؟ پوءِ گھر جي هڪ ڪنڊ جي طرف اشارو ڪري فرمايائون: مون هن هنڌ 18 هزار قرآنِ مجيد جا ختم ڪڍيا آهن۔([4])
* حضرت امام ڪتَّاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه تمام وڏا عالِمِ دين گذريا آهن، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه طواف دوران 12 هزار ڀيرا قرآنِ ڪريم ختم فرمايو۔([5]) * حضرت ابو بڪر رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه الله پاڪ جا نيڪ بزرگ گذريا آهن، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه 40 سال هيئن گذاريا جو