Book Name:Imam Shafi Ke Ala Ausaf
حِصّو نماز جي لاءِ ۽ هڪ حِصو آرام جي لاءِ۔([1])
حضرت رَبِيع رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو بيان آهي: امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه روزانو هڪ قرآنِ ڪريم ختم ڪندا هئا.([2])رمضان المبارڪ ۾ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو شوقِ تِلاوت ويتر وڌي ويندو هو، پاڻ رمضان المبارڪ ۾ نفل دوران 60 قرآنِ ڪريم ختم ڪندا هئا۔([3])
سُبْحٰنَ الله! پيارا اسلامي ڀائرو! ٿورو اندازو لڳايو! امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڪا معمولي شخصيت نه آهن، پاڻ باقاعِده مفتي ۽ مجتهد هئا، ماڻهو کائنس فتوائون پڇندا هئا، پاڻ ماڻهن کي جواب عِنَايت ڪندا هئا، تمام وڏا عالِمِ دين هئا، پري پري کان ماڻهو سندن خدمت ۾ حاضِر ٿي عِلم جي اُڃ اُجھائيندا هئا، ايتري مصروفيت هئڻ جي باوُجُود پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه تِلاوتِ قرآنِ ڪريم جي لاءِ وقت ڪڍي وٺندا هئا۔
هاڻي اسان ٿورو غور ڪيون! ڇا اسان به تِلاوت جي لاءِ وقت ڪڍون ٿا؟ اسان مان هر هڪ دِل ئي دِل ۾ غور ڪري، قرآنِ ڪريم اسان جي پياري الله پاڪ جو ڪلام آهي، اهو ئي رَبِّ ڪريم جيڪو اسان کي رِزق عطا فرمائي ٿو، جيڪو اسان کي پالي ٿو، اسان کي هزارين نعمتون عطا فرمائي ٿو، ڇا اسان پنهنجي انهيء رَبِّ ڪريم جو پاڪيزه ڪلام پڙھون ٿا؟ ڪيترا ڏينهن ٿي ويا تِلاوت ڪندي؟ اسان سڀني جي گھرن ۾ يقيناً قرآنِ ڪريم موجود هوندو، ان پاڪيزه بابرڪت ڪتاب کي اسان ڪيترن ڏينهن کان بعد الماڙي مان ڪڍون ٿا؟ پيارا اسلامي ڀائرو! هي ڳڻتي جوڳي ڳالھ آهي، وڏي افسوس سان چوڻو پئي ٿو ته اسان کي موبائِل فون جي لاءِ وقت مِلي ويندو آهي، سوشل ميڊيا جي لاءِ وقت مِلي ويندو آهي، دُنيوي مال و دولت ڪمائڻ جي لاءِ اسان وٽ وقت ئي وقت آهي، سيروتفريح جي لاءِ اسان منٽن ۾ تيار ٿي ويندا آهيون پر افسوس! اسان