Imam Shafi Ke Ala Ausaf

Book Name:Imam Shafi Ke Ala Ausaf

ثابت ٿيو؛ اُن جي ٿوري ئي عرصي کان بعد امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي شهرت ٿيڻ لڳي، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڪافي دِيني ڪتاب پڻ لکيا، جن جي ذريعي سندن نالو ڏورانهين علائقن تائين مشهور ٿي ويو۔([1])

منڊي پائڻ جا احڪام

اي عاشقانِ رسول!  مسلمانن جا چوٿان خليفا حضرت مولا علي رَضِىَ اللهُ عَنْه خواب ۾ تشريف آڻي امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي منڊي عطا فرمائي. منڊي پائڻ ڪجھ صورتن ۾ سنت آهي پر اڄڪلھ منڊي پائڻ جي متعلق وڏي بي احتياطي ڪئي وڃي ٿي. ڪجھ نوجوان ڇلا پائيندا آهن، ڪو ٻه منڊيون پائيندو آهي، ڪن ته سڄو هٿ ئي منڊين سان ڀري ڇڏيو هوندو آهي ۽ ڪجھ نادان سون جي منڊي به پائيندا آهن. ياد رکو! مرد صرف چاندي جي 4 ماشا(يعني 4 گرام، 174 ملي گرام) کان گهٽ جي، هڪ نگيني واري فقط هڪ ئي منڊي پائي سگهي ٿو. مرد کي سون جي منڊي پائڻ حرام آهي. لوھ جي منڊي جهنمين جو زيور آهي. هڪ کان وڌيڪ نگيني واري منڊي، جيتوڻيڪ اها چاندي ئي جي هجي، مرد جي لاءِ ناجائز آهي. بنا نگيني واري منڊي پائڻ به ناجائز آهي جو هي منڊي نه بلڪه ڇلو آهي.(550سنتیں اور آداب، صفحہ:57-58ملتقطاً )

امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جون اعليٰ خوبيون

اي عاشقانِ رسول! امام محمد بن ادريس شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه عِلم ۾ ته وڏو رُتبو رکن ئي ٿا، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه عَمَل ۾ به وڏي بُلند شان وارا آهن، اچو! امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جون ڪجھ اعليٰ وصفون ٻڌون ٿا:

امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ۽ شوقِ تلاوت

حُجَّةُ الاِسلام امام محمد بن محمد غزالي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه لکن ٿا: امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه رات کي 3 حِصّن ۾ ورهائي رکيو هو؛ هڪ حِصو عِلمِ دين جي لاءِ، هڪ


 

 



[1]...مناقبِ امام شافعی للبیہقی، جلد:1، صفحہ:148۔