Imam Shafi Ke Ala Ausaf

Book Name:Imam Shafi Ke Ala Ausaf

چمڪائيندي منهنجي خواب ۾ آيا، پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مون کي فرمايو: يَاغُلَامُ! مِمَّنْ اَنْتَ؟ پٽ! توهان ڪهڙي قوم مان آهيو؟ عرض ڪيم: مِنْ رَھْطِڪَ يَا رَسُوْلَ الله! يعني يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مان اوهان جي غُلامن مان آهيان۔ هن تي رسولِ بي مثال، بيبي آمنه جي لال صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مون تي شفقت ۽ مهرباني ڪندي فرمايائون: ويجھو اچ! مان ويجھو ٿي ويس، جانِ جهان، سلطانِ ڪون و مڪان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجو لعاب مبارڪ (يعني وات جو پاڻي) منهنجي وات ۾ وڌو ۽ فرمايائون: اِمْضِ بَارَڪَ اللهُ فِيْڪَ وڃو! الله توهان کي برڪت ڏي۔([1])

مولا علي رَضِىَ اللهُ عَنْه منڊي عطا ڪئي

امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه هڪ ٻيو ايمان افروز خواب بيان ڪندي فرمائن ٿا: هڪ ڀيري مون خواب ۾ ڏٺو ته مان مَطَاف (يعني مسجدِ حرام ۾ طواف واري هنڌ) ويٺل آهيان، اوچتو هڪ پاسي کان مسلمانن جو چوٿون خليفو امير المؤمنين مولا علي شير خدا رَضِىَ اللهُ عَنْه تشريف فرما ٿيو، مان سندن استقبال جي لاءِ جلدي مان اُٿيس ۽ پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه جي سيني سان لڳي ويس، پوءِ مولا علي رَضِىَ اللهُ عَنْه مون کان هٿ ملايو ۽ پنهنجي مبارڪ منڊي لاهي مون کي پارائي ڇڏي۔

هي ايمان افروز خواب ڏسڻ کان بعد اڳئين ڏينهن مان خوابن جي تعبير ٻڌائڻ واري وٽ ويس، ان کي پنهنجو خواب ٻڌائي تعبير پڇيم، ته ان چيو: اوهان کي مولا علي رَضِىَ اللهُ عَنْه جي سيني سان لڳڻ جي سَعَادت نصيب ٿي، هي جهنّم کان آزادي جي نشاني آهي، مولا علي رَضِىَ اللهُ عَنْه اوهان سان هٿ ملايو، هي قيامت جي ڏينهن اَمان ملڻ جي بشارت آهي ۽ حضرت علي المرتضيٰ رَضِىَ اللهُ عَنْه اوهان کي پنهنجي منڊي پارائي، هي هن طرف اشارو آهي ته جهڙي طرح مولا علي رَضِىَ اللهُ عَنْه جو مبارڪ نالو مشهور آهي، ايئن ئي اوهان جي نالي کي به شهرت نصيب ٿيندي۔ ([2])

   علّامه بيهقي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه لکن ٿا: امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو اِهو خواب واقعي سچو


 

 



[1]...مناقبِ امام شافعی للرازی، صفحہ:36۔

[2]...مناقبِ امام شافعی للرازی، صفحہ:36۔