Book Name:Imam Shafi Ke Ala Ausaf
امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جيئن ته رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا هم نَسَب آهن، تنهنڪري قيامت جي ڏينهن امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه به دامَنِ مُصطفيٰ سان وابسته هوندا، اِنْ شَآءَ اللهُ الْڪَرِيْم! امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو نسب مبارڪ به ان وقت قائِم هوندو ۽ قيامت جي هولناڪين ۾ ڪم ايندو۔
امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه عالِمِ قريش آهن
اي عاشقانِ رسول! قَرَشِي (يعني قريش قبيلي کان نسبي تعلق) هئڻ جي ناطي امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي ٻيون کوڙ فضيلتون حاصِل آهن، هن سان گڏوگڏ امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي هڪ فضيلت هي به آهي ته پاڻ قريش جا عالم آهن۔ سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي حديثِ پاڪ آهي: لَاتَسُبُّوْا قُرَيْشًا يعني قريش کي بُرو نه چئو! فَاِنَّ عَالِمَهَا يَمْلَاُ الْاَرْضَ عِلْمًا بيشڪ انهن مان هڪ عالِم زمين کي عِلم سان ڀري ڇڏيندو۔ ([1])
هن حديثِ پاڪ ۾ قريش قبيلي جي جنهن عالِمِ دِين جو تذڪرو ڪيو ويو آهي، هن مان مراد امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه آهن۔ ڪروڙين حنبلين جا پيشوا، امام احمد بن حنبل رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: مون کان جڏهن به ڪو ديني مسئلو پڇيو ويندو آهي، مان سڀ کان پهريان ان مسئلي کي قرآن ۽ حديث مان ڳولها ڪندو آهيان، جيڪڏهن مون کي ان مسئلي جو جواب قرآن ۽ حديث ۾ نه ملي، ته امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي فرمانن مان ان جو جواب ڳولهيندو آهيان، ڇوته امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ئي اهي قريش جا عالم آهن، جن زمين کي عِلم سان ڀري ڇڏيو آهي۔([2])
صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي اللّٰه ُعَلٰي مُحَمَّد
وڃو! الله توهان کي برڪت ڏي...!
امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن مان ستل هيس ته قسمت جاڳي پئي، ٻنهي جھانن جا سردار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ نوراني چهرو