Book Name:Imam Shafi Ke Ala Ausaf
اعتبار سان پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي ڪيئي فضيلتون حاصِل آهن؛
1: بنو مُطَّلِب هميشه دِينِ اسلام جا مدد گار رهيا، انهن هر موقعي تي پياري آقا، مڪي مدني مُصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان وفاداري ڏيکاري، ان ڪري رحمت عالميان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: اِنَّمَا بَنُوْ هَاشِم وَ بَنُوْ الْمُطَّلِبْ شَيْئٌ وَاحِد بيشڪ بنوهاشِم ۽ بنو مُطَّلِب هڪ ئي آهن۔ امام رازي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: جيئن امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جا ابا ڏاڏا دين جا خدمت گار هئا، اهڙي طرح امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه به دينِ اسلام جي خوب خدمت فرمائي۔([1])
2: امام رازي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه وڌيڪ فرمائن ٿا: امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڇوته پياري آقا، مڪي مدني مُصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا هم نَسَب آهن، اُن اعتبار سان امام شافعي
رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه پڻ ”آلِ رسول“ ۾ شامِل آهن۔ اسان جڏهن نماز ۾ پڙھون ٿا: اَللّٰہُمَّ صَلِّ عَلیٰ مُحَمَّد وَ عَلیٰ آلِ مُحَمَّد (اي الله پاڪ! محمد صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي ۽ سندن آلِ تي رحمتون نازِل فرماءِ) ته اسان جي هن دُعا ۾ امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه به شامِل آهن۔([2])
3: حديثِ پاڪ ۾ آهي: اِنَّ کُلَّ سَبَبٍ وَ نَسَبٍ یَنْقَطِعُ یَوْمَ الْقِیَامَۃِ اِلّا مَا کَان مِنْ نَسبِیْ وَ سَبَبِی([3]) قيامت جي ڏينهن هر نسبي ۽ سهراڻو وارو رشتو ٽٽي ويندو پر اهي جيڪي منهنجي نسب ۽ سهراڻي رشتي مان آهن (اُنهن جو تعلق نه ٽٽندو)۔
سُبْحٰنَ الله! پيارا اسلامي ڀائرو! هي ڪيتري زبردست فضيلت آهي۔ قيامت جي ڏينهن جڏهن نفسي نفسي جو عالَم هوندو، ماءُ پٽ کان پري ڀڄندي، پيءُ سڪيلڌي پٽ کان دامن ڇڏائي پري ٿيندو، ڀاءُ ڀاءُ کان پري ڀڄندو، دوست احباب سڀئي پنهنجي پنهنجي فِڪر ۾ هوندا، ان وقت ڪا نسبت، ڪو رشتو، ڪو تعلق ڪم نه ايندو پر قربان وڃون! اسان جي آقا و موليٰ، محمد مُصطفيٰ
صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو نسب مبارڪ ان وقت به قائِم هوندو، هي مبارڪ نسب قيامت جي وَحْشَت ۾ ڪم ايندو.