Imam Shafi Ke Ala Ausaf

Book Name:Imam Shafi Ke Ala Ausaf

امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه يمن ۾ پيدا ٿيا، ٻن سالن جي عمر مبارڪ هئي ته والِدِ محترم وفات ڪري ويا، سندن امڙ سائڻ سندن کي وٺي مڪه مڪرمه تشريف کڻي آيون، امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه مڪه مڪرمه ئي ۾ پرورش پاتي،([1]) اتي رهي عِلمِ دين سکيائون، الله پاڪ امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي لاءِ عِلم جو دروازکولي ڇڏيو، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه گھڻا محنتي ۽ عِلمِ دين جو گھڻو شوق رکڻ وارا هئا۔ امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي عمر مبارڪ اڃا 15 سال هئي ته مڪه مڪرمه جي مفتي اَعْظم حضرت مسلم بن خالِد زَنجي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کين فتويٰ لکڻ جي اجازت عطا فرمائي.([2])

امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه مُطّلبي آهن

 پيارا اسلامي ڀائرو! امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي فضيلتن مان هڪ اَهم فضيلت هي آهي ته امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه پياري آقا، مڪي مدني مُصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا هم نَسَب آهن۔ اسان جي پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ابن ڏاڏن جي فهرست ۾ هڪ ڏاڏو حضرت عبدِ مناف رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه آهي۔ امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه به حضرت عبدِ مناف رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي اَولاد مان آهن۔

قريش قبيلي جون 4 شاخون آهن: 1: بنوهاشِم 2: بنومُطَّلِب 3: بنو نوفل 4: ۽ بنو عبدِ شمس۔ اسان جا پيارا آقا، مڪي مدني مُصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ بنو هاشِم قبيلي مان آهن، ان ڪري پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي رسولِ هاشِمي چيو ويندو آهي ۽ امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه بنو مُطَّلِب قبيلي مان آهن، تنهنڪري امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي مُطَّلِبِي چيو وڃي ٿو۔([3])

امام شافعي جون ٽي فضيلتون

امام فخر الدين رازي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه مُطَّلِبِي آهن، هن


 

 



[1]...مناقبِ امام شافعی للرازی، صفحہ:34و35۔

[2]...كتاب الثقات لابن حبان، باب المیم، جلد:5، صفحہ:406، رقم:2997۔

[3]...مناقبِ امام شافعی للرازی، صفحہ:30و31ملتقطاً۔