Book Name:Imam Shafi Ke Ala Ausaf
ويندو هو ته الله پاڪ ٻئي نبي عَلَيۡهِ السَّلَام کي موڪليندو هو، جيڪو دين جي تبليغ ڪندو هو، دين جي اَصل ۽ حقيقي تعليمات ماڻهن کي سيکاريندو هو۔ هاڻي جيئن ته نبوت جو دروازو بند ٿي چڪو آهي، اسان جا پيارا نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ الله پاڪ جا آخري نبي بڻجي تشريف کڻي اچي چڪا، لهٰذا هاڻي قيامت تائين ڪو نئون نبي نٿو اچي سگھي، تنهنڪري هن اُمّت ۾ دين جي تجديد جو هي طريقو آهي ته هر صدي جي شروعات ۾ الله پاڪ هڪ مُجَدّد کي پيدا فرمائيندو آهي، جيڪو دين جي تجديد ڪندو آهي۔ ماڻهو دِين ۾ جيڪي بُرا عقيدا شامِل ڪندا آهن، بُرن نظرين کي دِين جي تعليمات بڻائي پيش ڪندا آهن، قرآنِ ڪريم جي مفهوم کي بدلڻ جي ناپاڪ ڪوشش ڪندا آهن، بُريون رَسمون، بُرا رواج دِيني تعليم جي طَور تي رواج بڻجڻ لڳندا آهن، پوءِ الله پاڪ مُجَدِّد کي موڪليندو آهي جيڪو انهن بُرن عقيدن، بُرن نظرين ۽ بُري رسمن جي نشاندهي ڪري دِين جي اصل ۽ حقيقي تعليم کي نئين سِري کان واضِح ڪندو آهي۔
امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه به مُجَدِّد آهن
هينئر تائين دنيا ۾ ڪيئي مُجَدّد گذري چڪا آهن، الحمد لله! امام محمد بن ادريس شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه به مُجَدّد آهن۔ امام احمد بن حنبل رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: پهرين صَدي هجري جا مُجَدِّد حضرت عمر بن عبد العزيز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه هئا ۽ ٻئي صدي هجري جا مُجَدِّد امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه آهن۔([1])
امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو مختصر تعارف
امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو مڪمل نالو: محمد بن ادريس آهي، پاڻ 150 هجري ۾ پيدا ٿيا، عالم سڳورا فرمائن ٿا: جنهن ڏينهن امامِ اعظم ابو حنيفه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه دُنيا مان رُخصت ٿيا، انهيءَ ڏينهن امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي وِلادت ٿي۔ امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڊگھي قد وارا، سٺي اخلاق وارا، ماڻهن جا پسنديده، ماڻهن تي گھڻو احسان ڪرڻ وارا، سُنّتن جا عامل، وڏي سٺي سيرت رکندڙ هئا۔