Imam Shafi Ke Ala Ausaf

Book Name:Imam Shafi Ke Ala Ausaf

پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب زندگي بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان آهي:  مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِي فَقَدْ اَحَبَّنِي وَمَنْ اَحَبَّنِي كَانَ مَعِي فِي الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو۔([1])

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!       جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

سلام ڪرڻ جون سنتون ۽ آداب

فرمانِ مُصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ:اَلسَّلَامُ قَبْلَ الْڪلَامِ؛ سلام ڳالھ ٻولھ کان پهريان آهي۔([2])

پيارا اسلامي ڀائرو! * مسلمان سان ملاقات ڪرڻ وقت ان کي سلام ڪرڻ سنّت آهي * سلام ڪرڻ وقت دل ۾ اها نيّت هجي ته جنهن کي سلام ڪري رهيو آهيان ان جو مال ۽ عزت، آبرو سڀ ڪجھ منهنجي حفاظت ۾ آهن ۽ مان انهن مان ڪنهن شيء ۾ دخل اندازي ڪرڻ حرام سمجھان ٿو * ڏينهن ۾ ڪيترائي ڀيرا ملاقات ٿئي، هڪ ڪمري کان ٻئي ڪمري ۾ بار بار اچ وڃ ٿئي، اتي موجود مسلمانن کي سلام ڪرڻ ثواب جو ڪم آهي * سلام ۾ اڳرائي ڪرڻ سنّت آهي * سلام ۾ اڳرائي ڪرڻ وارو الله پاڪ جو مُقرّب آهي * سلام ۾ اڳرائي ڪرڻ وارو تَڪَبُّر کان به بَري آهي جيئن نبي پاڪ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ارشاد فرمايائون: سلام ۾ اڳرائي ڪرڻ وارو تَڪَبُّر کان بَري آهي * سلام ۾ اڳرائي ڪرڻ واري تي 90 رحمتون ۽ جواب ڏيڻ واري تي 10 رحمتون نازل ٿينديون آهن. * اَلسَّلَامُ عَلَيْڪُمْ چوڻ سان 10 نيڪيون ملن ٿيون، گڏوگڏ وَرَحْمَۃُ الله به چوندا ته 20


 

 



[1]...مشکوٰۃ،کتابُ:الْاِیمان،بابُ:الْاِعْتِصَام، جلد:1، صفحہ:55، حدیث:175۔

[2]...ترمذی، کتاب:الاستئذان، باب:ماجاء فی السلام قبل الکلام، صفحہ:635، حدیث:2699۔