Book Name:Imam Shafi Ke Ala Ausaf
جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ۽ 12 ديني ڪمن ۾ به خُوب وڌي حِصو وٺو! اِنْ شَآءَ اللهُ الْڪَرِيْم! دين ۽ دُنيا جون بيشُمار ڀلائيون نصيب ٿينديون، ذيلي حلقي جي 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: علاقائي دورو به آهي۔
پنجاب جي هڪ مبلغِ دعوتِ اسلامي جو بيان آهي، هڪ ڏينهن اسان وٽ ڪراچي مان مَدَني قافلو آيو، مدني قافلي وارن سان گڏجي مون کي به علاقائي دوري ۾ شِرڪت جو شَرف مليو، اسان هڪ درزي جي دُڪان جي ٻاهر ماڻهن کي گڏ ڪري نيڪي جي دعوت ڏئي رهيا هئاسين، جڏهن بيان ختم ٿيو ته انهيء دڪان جي هڪ مُلازِم نوجوان چيو: مان غير مسلم آهيان۔ اوهان جي نيڪي جي دعوت منهنجي دل تي گهرو اثر ڪيو آهي، مهرباني فرمائي مون کي اسلام ۾ داخِل ڪريو۔ پوءِ الحمد لله! اهو ڪلمو پڙهي مسلمان ٿي ويو۔
مقبول جہاں بھر میں، ہو دعوت اسلامی صدقہ تجھے اے رَبِّ غفّار! مدینے کا
پيارا اسلامي ڀائرو! الحمدلله! دعوت اسلامي علمِ دين جو فيضان عام ڪرڻ ۾ مصروف آهي. دعوتِ اسلامي جي آئي. ٽي ڊيپارٽمنٽ هڪ موبائل ايپليڪيشن جاري آهي، جنهن جو نالو آهي: Darul Ifta Ahlesunnat (دارالافتاء اهلسنت) هن ايپليڪيشن ۾ مختلف موضوعات تي فتوائون آڊيو ويڊيو ۽ ٽيڪسٽ جي صورت ۾ موجود آهي. اوهان به هي ايپليڪيشن پنهنجي موبائل ۾ انسٽال ڪيو! پاڻ به فائدو وٺو ۽ ٻين کي به ترغيب ڏياريو!
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد