Imam Shafi Ke Ala Ausaf

Book Name:Imam Shafi Ke Ala Ausaf

شخص کي دُرُست طريقي سان وُضُو ڪرڻ جي ترغيب ڏياري، خبر پئي؛ جيڪو مبلغ هوندو آهي، اهو هر هنڌ، هر حال ۾ مبلغ ئي هوندو آهي، نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي لاءِ هي ضروري ناهي ته اسان علائقائي دوري ئي ۾ نيڪي جي دعوت ڏينداسين، جڏهن مدني قافلي ۾ سَفر ٿيندو، تڏهن ئي نيڪي جي دعوت ڏيڻي آهي بلڪ اسان کي گھرجي ته جڏهن، جتي، جنهن حال ۾ بُرائي ڏسون، حڪمتِ عملي سان، حُسْنِ اَخْلاق جو مُظَاهرو ڪندي، نرمي سان نيڪي جي دعوت ڏيون ۽ بُرائي کان منع ڪيون۔ ڏسو! امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڪيتري پياري نصيحت فرمائي ته جيڪو ٻانهو پاڻ نيڪي ڪري ۽ ٻين کي نيڪي جي دعوت ڏي، پاڻ گُنَاهن کان بچي ۽ ٻين کي بچڻ جو حڪم ڏي ۽ جيڪو ٻانهو الله پاڪ جي حُدُود، ان جي احڪام جي حِفَاظت ڪري ان ٻانهي جو ايمان ڪامِل ٿي ويندو۔

سبحن الله! نيڪي جي دعوت ڏيڻ سان ايمان ڪامل ٿي ويندو آهي. ڪاش! اسان به نيڪي جي دعوت ڏيڻ وارا بڻجي وڃون. هر مسلمان مبلغ آهي، هر هڪ کي گهرجي ته نيڪي جي دعوت جون ڌومون مچائي والدين پنهنجي ٻارن کي سمجهائين. استاد شاگردن کي نيڪي جي دعوت ڏئي.  ڀاءُ پنهنجي ڀائرن کي. ڏاڏو پنهنجي پوٽن کي. نانو پنهنجي ڏوهٽن کي. مڙس پنهنجي گهر واريءَ کي. پاڙيسري پنهنجي پاڙيسرن کي. شهر وارن کي نيڪي جي دعوت ڏئي، ڪاش هر طرف نيڪي جي دعوت جون ڌومون متل هجن.

کرم سے نیکی کی دعوت کا خوب جذبہ دے                                                                         دُوں دُھوم سُنّتِ محبوب کی مچا یارَبّ!

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!                                                 صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: علاقائي دورو

اي عاشقان رسول! نيڪ نمازي بڻجڻ، صحابه و اَهلِ بيت رَضِىَ اللهُ عَنْهم جي محبت دِل ۾ وڌائڻ، نيڪ نمازي بڻجڻ ۽ نيڪي جي دعوت جون ڌومون مچائڻ