Book Name:Imam Shafi Ke Ala Ausaf
دعوت ڏيندي فرمايو: اي نوجوان! پنهنجو وُضُو ٺيڪ ڪيو، الله پاڪ دُنيا ۽ آخرت ۾ توتي احسان فرمائيندو۔ امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه هي چئي اڳتي هليا ويا، ان نوجوان عِلْم جي ڳالھ ٻُڌي ته وُضُو مڪمل ڪري امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي پويان پويان حاضِر ٿي ويو، امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ان کان پڇيو: ڇا ڪو ڪم آهي؟ نوجوان عرض ڪيو: جي ها! مون کي به عِلم سيکاريو۔ امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمايو: ٻڌو! جنهن الله پاڪ جي معرفت حاصِل ڪئي، ان نجات ماڻي ورتي، جنهن پنهنجي دِين جي معاملي ۾ خوف ڪيو، هو تباهي کان بچي ويو، جنهن دُنيا ۾ زُهد اختيار ڪيو، ڪالھ قيامت جي ڏينهن جڏهن هو الله پاڪ جي بارگاھ ۾ حاضِر ٿيندو ته ان جون اکيون ٿڌيون ٿينديون، امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه وڌيڪ فرمايو: جنهن شخص ۾ ٽي خوبيون گڏ ٿي وڃن، ان جو ايمان مڪمل ٿي ويندو آهي: 1: جيڪو نيڪي جو حڪم ڏي ۽ پاڻ به ان تي عمل ڪري 2: جيڪو بُرائي کان منع ڪري ۽ پاڻ به ان کان پاسو ڪري 3: جيڪو حُدُودِ اِلٰهي جي حِفَاظت ڪري۔
پوءِ فرمايائون: دُنيا کان بي رغبت ۽ آخرت جو شوق رکڻ وارا ٿي وڃو! پنهنجي هر ڪم ۾ الله پاڪ سان سچ جو معاملو ڪيو! جيڪڏهن ايئن ڪندؤ ته نجات ماڻڻ وارن مان ٿي ويندؤ۔([1])
پيارا اسلامي ڀائرو! اهي ڪيتريون پياريون، سٺيون ۽ سبق آموز نصيحتون آهن، الله پاڪ اسان کي هنن نصيحتن تي عَمَل پيرا ٿيڻ جي توفيق عطا فرمائي۔ آمِين بِجَاه خَاتَمِ النَّبِيٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ
هن ايمان افروز واقعي مان سيرتِ امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو هي پهلو نمايان ٿئي ٿو ته امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه نيڪي جي دعوت ڏيڻ جا گھڻا حرِيص هئا، ڏسو! پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه هڪ شخص کي وُضُو ۾ غلطي ڪندي ڏٺو، پاڻ باقاعده ان کي سيکارڻ جي لاءِ نه آيا هئا، صِرف اتان کان لنگھي رهيا هئا، پوءِ به پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ان