Book Name:Imam Shafi Ke Ala Ausaf
گھڻو مٿي ۽ وڏي رتبي وارا آهن، صحابه ڪرام رِضْوَانُ اللّٰهِ عَلَيۡهِمْ جو اهو شان آهي جو هي سڀ جنهن ڳالھ تي متفق ٿي وڃن، اها ڳالھ دِين ۾ دليل بڻجي ويندي آهي ۽ جيڪڏهن هڪ ئي صحابي ڪا ڳالھ چئي ته ان ڳالھ جي مخالفت ڪرڻ جي ڪنهن ۾ همّت نه آهي، صِرف هڪ صحابي جو فرمان به اسان جي لاءِ دليل آهي۔ ([1])
امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي اَهلِ بيت سان محبت
اهڙي طرح اَهلِ بيت رَضِىَ اللهُ عَنْهم سان محبت جو اظهار ڪندي امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا:
یَاآلَ بَیْتِ رَسُوْلِ اللّٰہِ حُبُّکُمُ فَرضٌ مِّنَ اللہ فِی الْقُرْآنِ اَنْزَلَہُ
یَکْفِیْکُمْ مِنْ عَظِیمِ الْفَخْرِ اَنَّکُمْ مَنْ لَمْ یُصَلِّ عَلَیْکُمْ لَا صَلَاۃَ لَہُ([2])
وضاحت: اي اهل بيتِ ڪرام! توهان جي محبت الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرض قرار ڏني آهي۔ توهان کي هي فخر ڪافي آهي ته جڏهن توهان تي درود نه پڙهيو وڃي، نماز مڪمل ناهي ٿيندي۔
خيال رهي! امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي نزديڪ نماز ۾ درود پڙهڻ فرض آهي جڏهن امام اعظم ابو حنيفه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي نزديڪ نماز ۾ درود پڙهڻ فرض ناهي بلڪه سنت آهي. جيڪڏهن ڪو نماز ۾ دورد شريف نه پڙهي ته امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي نزديڪ اُن جي نماز ئي ڪانه ٿيندي. جڏهن امام اعظم ابو حنيفه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي نزديڪ نماز ته ٿئي ويندي پر سنت جي رهجي وڃڻ سبب نماز ۾ ڪمي ايندي.
امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جون نصيحتون
حضرت عبد الله بن محمد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: مان امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه سان گڏ بغداد جي ڪنهن علائقي ۾ هئس، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه هڪ نوجوان کي ڏٺو، هو چڱي طرح وُضُو نه ڪري رهيو هو، امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ان کي نيڪي جي