Imam Shafi Ke Ala Ausaf

Book Name:Imam Shafi Ke Ala Ausaf

گفتگو ڪرڻ کان پهريان سوچي وٺو...!

هڪ ڀيري امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمايو: جڏهن توهان ڪا ڳالھ ڪرڻ لڳو ته پهريان ان تي غور ڪيو! جيڪڏهن توهان کي ڪو فائدو نظر اچي ته ڳالهائي وٺو ۽ جيڪڏهن توهان ٻُڏتر ۾ پئجي وڃو (ته ڳالهائڻ ۾ بهتري آهي يا نه) ته ماٺ رهو۔([1])

مِری زُبان پہ قفلِ مدینہ لگ جائے                                                                   فُضُول  گوئی  سے  بچتا رہوں سدا یاربّ!

امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي صحابي سڳورن رِضْوَانُ اللّٰهِ عَلَيۡهِمْ سان محبت

اي عاشقانِ رسول! امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي هڪ نهايت ئي پياري وَصف اها آهي ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه صحابي سڳورن رِضْوَانُ اللّٰهِ عَلَيۡهِمْ ۽ اَهلِ بيتِ اطهار سان گھڻي محبت ڪندا هئا، وقت بوقت صحابه ڪرام رِضْوَانُ اللّٰهِ عَلَيۡهِمْ ۽ اَهلِ بيتِ اطهار جون فَضيلتون بيان ڪرڻ، جيڪو انهن سان بغض رکندو هجي، ان کان پري رهڻ، صحابه ڪرام ۽ اَهلِ بيتِ اطهار جي معاملي ۾ حق کان هٽڻ واري کي نيڪي جي دعوت ڏيڻ، ان کي سٺي انداز سان سمجھائڻ امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي عادتن ۾ شامِل هو، هڪ ڀيري امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه صحابه ڪرام رِضْوَانُ اللّٰهِ عَلَيۡهِمْ جون فضيلتون بيان ڪندي فرمايو: صحابه ڪرام رِضْوَانُ اللّٰهِ عَلَيۡهِمْ اهي مبارڪ هستيون آهن جو انهن جي ساراھ تمام جهانن جي رَبّ، الله پاڪ ڪئي آهي، صحابه ڪرام رِضْوَانُ اللّٰهِ عَلَيۡهِمْ اهي آهن جو قرآنِ ڪريم، تورات ۽ انجيل ۾ انهن جون منقبتون آهن، صحابه ڪرام رِضْوَانُ اللّٰهِ عَلَيۡهِمْ اهي آهن جو الله پاڪ جي محبوب نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ انهن جون فضيلتون بيان ڪيون آهن۔ صحابه ڪرام رِضْوَانُ اللّٰهِ عَلَيۡهِمْ وحي لهڻ جا شاهد (يعني گواھ) آهن، صحابه ڪرام رِضْوَانُ اللّٰهِ عَلَيۡهِمْ ئي اسان تائين دين پهچايو آهي، بيشڪ صحابه ڪرام رِضْوَانُ اللّٰهِ عَلَيۡهِمْ اسان کان وڌيڪ عِلم وارا آهن، صحابي سڳورا رِضْوَانُ اللّٰهِ عَلَيۡهِمْ هر عِلم ۾ اسان کان تمام


 

 



[1]...المستطرف فی کل فن مستطرف، باب الثالث عشر، جلد:1، صفحہ:81۔