Imam Shafi Ke Ala Ausaf

Book Name:Imam Shafi Ke Ala Ausaf

گُنَاھ اسان عام گفتگو ۾ ڪري رهيا هوندا آهيون ۽ اسان کي معلوم ناهي هوندو، الله پاڪ اسان کي زبان جي حفاظت بابت فِڪر نصيب فرمائي۔

اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مُصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: جيڪو مون کي 2 ڏاٺن جي وچ واري شيء (يعني زبان) ۽ ٻن ٽنگن جي وچ واري شيء (يعني شرم گاھ) جي ضمانت ڏي، مان ان کي جنّت جي ضمانت ڏيان ٿو۔([1])

حڪيم الاُمَّت، مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن حديثِ پاڪ جي حوالي سان  فرمائن ٿا: مطلب هي آهي ته جيڪو پنهنجي زبان کي ڪوڙ، غيبت، ناجائِز ڳالهيون ڪرڻ کان بچائي، پاڻ کي بدڪاري جي قريب نه وڃڻ ڏي (مالِڪ جنّت، قاسِمِ نعمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان کي جنّت جي ضمانت ڏني آهي۔) مفتي صاحب رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه وڌيڪ فرمائن ٿا: (جيڪو شخص پنهنجي زبان ۽ شرمگاھ جي حفاظت ڪري) ظاهري ڳالھ آهي ته اهڙو مسلمان مؤمن متقي هوندو۔ خيال رهي! تقريباً 80 سيڪڙو گُنَاھ زبان سان ٿيندا آهن۔([2])

اي عاشقانِ رسول! اندازو ڪيو! زبان ڪيتري اهميت وارو عُضوو  آهي جو جيڪو شخص زبان جي حِفَاظت ڪري، زبان کي گُنَاهن کان بچائڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ۽ ان سان گڏوگڏ زنا وغيره کان بچندو رهي، رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان کي جنّت جي ضمانت ڏني آهي.

فُضُول گفتگو  غُلام بڻائيندي آهي

امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجي ساٿي حضرت ربيع رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي فرمايو: اي ربيع! فُضُول گفتگو نه ڪجان، ڇوته جڏهن توهان ڳالھ ڪري وٺندؤ ته اها ڳالھ توهان تي حاڪم بڻجي ويهندي ۽ توهان ان جا غُلام بڻجي ويندؤ۔([3])


 

 



[1]...بخاری، کتاب الرقاق، صفحہ:1591، حدیث:6474۔

[2]...مرآۃ المناجیح، جلد:6، صفحہ:447ملتقطاً۔

[3]...المستطرف فی کل فن مستطرف، باب الثالث عشر، جلد:1، صفحہ:82۔