Imam Shafi Ke Ala Ausaf

Book Name:Imam Shafi Ke Ala Ausaf

بيان ٻڌڻ جون نيتون

حديثِ پاڪ ۾ آهي: اِنَّمَا الْاَعْمَالُ بِالنِّیّات عملن جو دارو مدار نيتن تي آهي۔([1])

پيارا اسلامي ڀائرو! سٺي نيت ماڻهو کي جنّت ۾ پهچائيندي آهي، بيان ٻڌڻ کان پهريان ڪجھ سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺو! مثلاً نيت ڪريو: * رِضَاءِ اِلٰهي جي لاءِ بيان ٻُڌندس * عِلمِ دين سکندس * پورو بيان ٻُڌندس * ادب سان ويهندس * نصيحت حاصِل ڪندس * اَحمَدِ مُجتبيٰ، مُحَمَّد مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو مبارڪ نالو ٻڌي درودِ پاڪ پڙھندس۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب!                                                صَلَّي اللّٰهُ عَلٰي مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! ڪروڙين شافعين جا امام، نهايت متقي، پرهيز گار، عبادت گذار، عالِمِ باعَمَل، عاشِق رسول، مُحِبِّ صحابه ۽ مُحِبِّ اَهلِ بيت، امام محمد بن ادريس شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ٻئي سَنِ هجري جا وڏي رُتبي وارا بزرگ آهن، اڄ اسان امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جون ڪجھ فضيلتون ۽ ڪجھ اعليٰ وصفون ٻڌڻ جي سَعَادت حاصِل ڪنداسين۔ الله پاڪ اسان کي نيڪ ٻانهن جي سيرت مان روشني وٺڻ ۽ انهن جي فيضان سان پنهنجي زِندگي کي نُوراني بنائڻ جي توفيق عطا فرمائي۔ آمِين بِجَاه خَاتَمِ النَّبِيٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ۔

هر صَدِي جي ابتداء ۾ مُجَدِّد موڪليو ويندو آهي

سُنَنِ اَبُو داؤد جي حديثِ پاڪ آهي: اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مُصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: إِنَّ اللَّهَ يَبْعَثُ لِهٰذِهِ الْأُمَّةِ عَلَى رَأْسِ كُلِّ مِائَةِ سَنَةٍ مَنْ يُجَدِّدُ لَهَا دِينَهَا يعني: بيشڪ الله پاڪ هن اُمّت ۾ هر صدي جي شروعات ۾ هڪ اهڙي شخص کي موڪليندو رهندو جيڪو دِين جي تجديد ڪندو۔([2])

اڳوڻين اُمّتن ۾ اهو انداز هو ته هڪ نبي عَلَيۡهِ السَّلَام دُنيا مان تشريف وٺي


 

 



[1]...بخاری، کِتَاب:بَدءُ الْوَحی، صفحہ:65، حدیث:1۔

[2]...ابوداؤد، کتاب الملاحم، باب ما یذکر فی قرن، صفحہ:674، حدیث:4291۔