Book Name:Imam Shafi Ke Ala Ausaf
امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه خاموش طبيعت هئا
پيارا اسلامي ڀائرو! زبان جو احتياط حڪمت ۽ دانائي جي بنياد آهي۔ حديثِ پاڪ ۾ آهي: توهان جنهن کي ڏسو ته ان کي خاموشي جي نعمت عطا ڪئي وئي آهي، ان جي صحبت اپنايو ڇوته اهڙي شخص کي حڪمت ڏني ويندي آهي۔([1])
امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه به زبان جي احتياطن ۾ اعليٰ مهارت رکند اهئا، شايد اهو ئي سبب آهي جو الله پاڪ کين حڪمت ۽ دانائي جي نعمت عطا فرمائي هئي۔ هڪ ڀيري امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کان ڪو مسئلو پڇيو ويو، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه خاموش رهيا، ڪو جواب نه ڏنائون۔ عرض ڪيو ويو: اوهان خاموشي ڇو اختيار فرمائي؟ جواب ڇو نه ڏنو؟ فرمايائون: مان هي سوچي رهيو هئس ته جواب ڏيڻ ۾ ڀلائي آهي يا خاموش رهڻ ۾۔([2])
مَاشَآءَ الله! ڪيتري حڪمت ڀري ڳالھ آهي، امام محمد بن محمد غزالي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي فرمان جو خُلاصو آهي: امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي هن مبارڪ انداز مان 2 ڳالهيون معلوم ٿيون: 1: هڪ هي جو امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڳالهائڻ کان پهريان توريندا هئا 2: ٻيو هي ته امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڳالهائڻ ۾ فضل ۽ ثواب تي نگاھ رکندا هئا، جيڪڏهن ڳالهائڻ ۾ بهتري هوندي هئي، ثواب جي صُورت نڪرندي هئي ته گفتگو ڪندا هئا، نه ته ماٺ رهندا هئا۔
ڪاش! اسان کي به ڳالهائڻ کان پهريان سوچڻ جي عادت نصيب ٿي وڃي، نه ته حالت تمام گھڻي نازُڪ آهي، اسان جي زبان جڏهن هلندي آهي ته هلندي ئي ويندي آهي، غيبت، چغلي، ڪوڙ، الزام تراشي ۽ خبر ناهي ڪهڙا ڪهڙا