Book Name:Imam Shafi Ke Ala Ausaf
اي عاشقانِ رسول! ڏٺو اوهان! امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جا اَخلاق ڪيترا پيارا هئا، هن واقعي ۾ هڪ ڳالھ وڏي ڌيان طلب آهي، ڏسو! درزي قميض جي هڪ آستين سوڙهي ٺاهي ۽ هڪ آستين ڄاڻي تمام موڪري ڪيائين۔ درزي ته مذاق ڪيو هو پر امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي مهارت صَد مرحبا! پاڻ انهيء مان سٺو پهلو ڪڍي ورتو ۽ درزي کي دُعاءِ خير سان پڻ نوازيو۔
اڄڪلھ اهڙو(رويو اختيار ڪرڻ) گھڻو مشڪل ڪم آهي، چڱا پهلو تلاش ڪرڻ ته رهيو پري، اسان وٽ ماڻهو چڱائي ۾ به بُرا پهلو ڳولهڻ جي ڪوشش ڪندا آهن۔ اسان جا بزرگ سڳورا، الله پاڪ جا نيڪ ٻانها ڪيترا عظيم هئا جو اهي بُري ڪمن ۾ به چڱائي جا پهلو ڳولهي وٺندا هئا.
حضرت رابعه بصريه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡها جي حڪايت
حضرت سفيان ثوري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: بصره ۾ هڪ شَخص کي زنا جي سزا ۾ سولي تي لٽڪايو ويو، حضرت رابعه بصريه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡها جيڪا ان جي ڀرسان لنگھي رهي هئي ته فرمايائون: هي اها زبان آهي جنهن سان تون ”لَا اِلَہَ اِلَّا اللہ“ پڙھندو هئين۔([1])
اي عاشقانِ رسول! ڏٺو اوهان! هڪ شخص جنهن کي گُنَاھ ڪبيره جي سزا ۾ ڦاسي ڏني وئي هئي، حضرت رابعه بصريه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡها ان جي بُرائي جو ذِڪر نه ڪيو بلڪ ان جي ذات ۾ چڱائي جو پهلو ڳولهي ان چڱائي جو ذِڪر ڪيو۔ ڪاش! اسان به مثبت سوچ اپنايون، سٺو ڏسون، سٺو ٻڌون، ۽ سٺو ئي ڳالهائڻ جي عادت بڻايون جو بُري زبان بُري دِل جي عڪاسي ڪندي آهي۔
عیبوں کو ڈھونڈتی ہے فقط عیب جُو کی نظر جو خوش مزاج ہیں حُسْن وکمال دیکھتے ہیں