Book Name:Imam Shafi Ke Ala Ausaf
دِل مان مال جي محبت نڪري وڃي، يقين ڪيو! اسان جي دِلين ۾ مال جي گھڻي حِرص آهي، کيسي مان رقم ڪڍندي دِل گهٻرائيندي آهي، غريب کي ڏيڻ لاءِ وڏو نوٽ ڪڍڻ جي همّت ناهي ٿيندي، ڪاش! هي حِرص ختم ٿي وڃي، اسان راھ خُدا ۾ ورهائڻ وارا بڻجي وڃون، اِنْ شَآءَ اللهُ الْڪَرِيْم! الله پاڪ پنهنجي خزانن مان اسان کي گھڻو رزق عطا فرمائيندو۔ الله پاڪ ان جي توفيق بخشي۔ آمِين بِجَاه خَاتَمِ النَّبِيٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ۔
تج ڈال مال و دَھن کو، کوڑی نہ رکھ کفن کو جس نے دیا ہے تَن کو، دے گا وہی کفن کو
مذا ق ڪرڻ واري جي لاءِ دُعاءِ خير...!
هڪ ڀيري امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه درزي کان قميض سبرائي، اهو درزي امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي سڃاڻندو نه هو، سندن مقام ۽ مرتبي بابت به ان کي ڪا خبر نه هئي، تنهنڪري ان درزي ڄاڻي واڻي مذاق طور قميض جي هڪ آستين سوڙهي ڪري ڇڏي ۽ ٻي ايتري موڪري ٺاهي جو ان ۾ مٿو به داخِل ٿي وڃي. جڏهن امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي خدمت ۾ اها قميض پيش ڪئي وئي ته پاڻ ڏسي فرمايائون: الله پاڪ توکي جزاءِ خير عطا فرمائي! سوڙهي آستين وُضُو ۾ مٿي ڪرڻ جي لاءِ بهتر آهي ۽ موڪري آستين ۾ ڪتَاب رکي سگھجي ٿو۔
اڃا امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه اها گفتگو فرمائي ئي رهيا هئا ته وقت جي خليفي جو هڪ قاصِد 10 هزار دِرهم کڻي سندن خِدمت ۾ حاضِر ٿيو، درزي به وٽن ئي موجود هو، امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه قاصِد کي فرمايو: درزي کي سِلائي جي رقم ڏئي ڇڏيو!
هاڻي درزي کي حيرت ٿي ته هي ڪهڙي هستي آهي، جن جي لاءِ خليفي جو قاصِد رقم کڻي آيو آهي، درزي قاصِد کان جڏهن سندن بابت پڇيو ته ان ٻڌايو: هي حضرت امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه آهن۔ ايترو ٻڌندي ئي درزي پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي خدمت ۾ حاضِر ٿيو، ان پير چُمي معافي گھري ۽ امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي خِدمت ئي ۾ رهڻ لڳو۔ ([1])