Imam Shafi Ke Ala Ausaf

Book Name:Imam Shafi Ke Ala Ausaf

امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه تمام وڏا سخي هئا

اي عاشقانِ رسول! حضرت امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي پاڪيزه وصفن ۾ هڪ تمام پياري وَصف هي به آهي ته امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه تمام وڏا سخي هئا، هزارين روپيا وڏي خوشي سان غريبن تي خرچ ڪري ڇڏيندا هئا۔ حضرت حُميدي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هڪ ڀيري امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجي ڪنهن ڪم جي سلسلي ۾ يمن تشريف وٺي ويا، جڏهن پاڻ واپس مڪي شريف آيا ته سندن وٽ 10 هزار دِرهم (يعني چاندي جا سِڪا) هئا، جيئن ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه شهر کان ٻاهر ئي خيمه لڳرايو، ماڻهو پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه وٽ ايندا رهيا، پاڻ انهن کي مال عطا ڪندا رهيا، جڏهن پاڻ خيمي کان ٻاهر نڪتا ته سمورو مال (يعني 10 هزار چاندي جا سِڪا) راھ خُدا ۾ ورهائي چڪا هئا۔([1])

مهر جي رَقم ادا ڪيائون

حضرت ربيع رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: جڏهن منهنجو نِڪاح ٿيو ته حضرت امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه مون کان پڇيو: حق مِهر ڪيترو طئي ڪيو هو؟ عرض ڪيم: 30 دِينار(سون جا سڪا)۔ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه  ٻيهر پڇيو: ان مان ڪيترو ادا ڪيو آهي؟ مون عرض ڪيو: 6 دِينار۔ ايترو پڇڻ کان بعد امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه هليا ويا، بعد ۾ مون کي هڪ ٿهيلي موڪلي ڏنائون، جنهن ۾ پورا 24 دِينار هئا۔ يعني حق مِهر جي باقي رقم جيڪا حضرت ربيع رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي ذِمي لازِم هئي، انهن کين کان گھري به نه هئي، امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه بنا گھرڻ جي ئي اها رقم عطا فرمائي ڇڏي۔ ([2])

  سُبْحٰنَ الله! هي آهي سخاوت...! امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه  پاڻ پڇيائون ته مِهر جي ڪيتري رقم اڃا ذِمي تي باقي آهي، پوءِ خبر پوڻ ته رڳو خالي تسلي نه ڏنائون بلڪه حضرت ربيع رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه  جي بنا گهرڻ جي پاڻمرادو  اها رقم عطا فرمائي ڇڏي۔ الله پاڪ اسان کي به سَخاوت جي توفيق نصيب فرمائي۔ ڪاش! اسان جي


 

 



[1]...تاریخ مدینہ دمشق، جلد:51، صفحہ:401۔

[2]...شُعب الایمان، باب فی الجود والسخاء، جلد:7، صفحہ:452، حدیث:10962۔