Book Name:Imam Shafi Ke Ala Ausaf
مشڪل پيش ايندي آهي، مان ٻه رڪعت نماز ادا ڪندو آهيان ۽ امامِ اعظم امام اَبُو حنيفه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي مزارِ پاڪ تي حاضِر ٿي دُعا گھرندو آهيان ته الله پاڪ منهنجي مشڪل آسان فرمائي ڇڏيندو آهي۔([1])
ہے دُھوم چاروں طرف سخا کی، بھری ہے جھولی ہر ایک گدا کی
عطا ہو مجھ کو بھی طیبہ کا غم، امامِ اعظم ابوحنیفہ
تمہارے دربار کا گدا ہوں، میں سائِلِ عشقِ مصطفےٰ ہوں
کرم پئے شاہِ غوثِ اعظم، امام اعظم ابوحنیفہ
دیارِ بغداد میں بُلا کر مزار اپنا دکھا جہاں پر
ہیں نور کی بارشیں چھما چھم، امامِ اعظم ابو حنیفہ([2])
پيارا اسلامي ڀائرو! ڏٺو اوهان! ٻي صَدِي جي مُجَدِّد، قريش جي عالم حضرت امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو به اهو ئي عقيدو هو ته اَوْلياءِ ڪرام جي مزارن تي حاضِر ٿيڻ سان مشڪلاتون پري ٿينديون آهن، مزارن تي حاضِر ٿيڻ سان دُعائون جلد قبول ٿينديون آهن۔
اي عاشقانِ رسول! خيال رهي! قبر جي طرف رخ ڪري نماز پڙهڻ(جڏهن ته درميان ۾ ڪا اوٽ مثلاً ديوار وغيره نه هجي) مڪروھ ۽ منع آهي. اولياءِ ڪرام جي مزارن تي حاضري نصيب ٿئي ته ان جي مبارڪ قبر جي ساڄي يا کاٻي طرف قبلي ڏانهن منهن ڪري نماز پڙهڻ گهرجي، هن سان برڪتن ۾ اضافو ٿيندو.
صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي اللّٰهُ عَلٰي مُحَمَّد