Imam Shafi Ke Ala Ausaf

Book Name:Imam Shafi Ke Ala Ausaf

عورتن جي لاءِ مغفرت جي دُعا ڪري، الله پاڪ ان جي لاءِ هر مسلمان مَرد ۽ عورت جي بدلي هڪ نيڪي لکندو۔([1])

سُبْحٰنَ الله! اي عاشقانِ رسول! خوش ٿي وڃو! ڪروڙين بلڪ اربين کربين نيڪيون ڪمائڻ جو آسان نسخو هٿ اچي ويو، يقيناً حضرت آدم عَلَيۡهِ السَّلَام کان وٺي هاڻي تائين اربين مسلمان دُنيا ۾ اچي چڪا آهن ۽ ڪروڙين هاڻي به دُنيا ۾ موجود آهن، جيڪڏهن اسان تَوَجُّھ ڪيون ۽ تمام مسلمانن جي لاءِ مغفرت جي دُعا گھرون ته اِنْ شَآءَ اللهُ الْڪَرِيْم! الله پاڪ جي رحمت سان اربين کربين نيڪين جا حق دار بڻجي وينداسين ۽ وقت ڪيترو لڳندو؟ ڪجھ سيڪنڊ۔ چاهيو ته هر نماز کان بعد بلڪ سڄي ڏينهن ۾ وقت بوقت هيئن دُعا گھرندا رهو:

اَللّٰهُمَّ اغْفِرْ لِي وَلِڪُلِّ مُؤْمِنٍ وَّ مُؤْمِنَۃٍ

(يا الله پاڪ! منهنجي ۽ هر مسلمان مرد ۽ عورت جي مغفرت فرماءِ).

بهتر اهو آهي ته هي دعا عربي ۾ ياد ڪري وٺو ۽ وقت به وقت پڙهندا رهو، نه ته پنهنجي مادري زبان(مثلاً اردو، سنڌي، پنجابي، سرائيڪي وغيره) ۾ به ڪري سگهو ٿا ته يا الله پاڪ! منهنجي ۽ هر مسلمان مرد ۽ عورت جي مغفرت فرماءِ. الله پاڪ اسان سڀني کي پنهنجي لاءِ ۽ تمام مسلمانن جي لاءِ ڪثرت سان دُعائون گھرڻ جي توفيق عطا فرمائي۔ آمِين بِجَاه خَاتَمِ النَّبِيٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه ُ  عَلٰي مُحَمَّد

امامِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي مزارِ پاڪ جي برڪت

اي عاشقانِ رسول! دُعا گھرڻ جي حوالي سان امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو هڪ ٻيو تمام پيارو انداز آهي، اهو هي جو امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه اَوْلياءِ ڪرام جي مزارات تي حاضِر ٿي دُعا گھرندا هئا، پاڻ ارشاد فرمائن ٿا: مون کي جڏهن ڪا


 

 



[1]...جامع صغیر، صفحہ:513، حدیث:8419۔