Imam Shafi Ke Ala Ausaf

Book Name:Imam Shafi Ke Ala Ausaf

اُس کی جھولی مُرادوں سے بھردے                                                             اُس کے حق میں جو بہتر ہو کردے

جس نے مجھ سے دُعا کا کہا ہے                                                                                      یاخدا تجھ سے میری دُعا ہے

ٻين جي لاءِ دُعا گھرڻ جو ثواب

 اعليٰ حضرت جا والِد مولانا نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه دُعا جا آداب بيان ڪندي فرمائن ٿا: (ٻانهو جڏهن پنهنجي لاءِ دُعا گھري ته سڀني مسلمانن کي هن ۾ شريڪ ڪري (يعني سڀني مسلمان مردن ۽ عورتن جي لاءِ به دُعا ڪري)۔([1])

سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن ادب جي وضاحت ڪندي فرمائن ٿا (جنهن جو خُلاصو هي آهي): تمام مسلمانن جي لاءِ دُعا ڪرڻ ۾ حڪمت هي آهي ته دُعا گھرڻ وارو ٻانهو جيڪڏهن پاڻ هن قابِل نه ٿيو جو ان جي دُعا قبول ڪئي وڃي ته هي مسلمان ٻانهن جي طُفَيل ۾ پنهنجي مراد کي پهچي ويندو۔ تابعي بزرگ حضرت ثابِت بُناني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه روايت فرمائن ٿا: اسان سان بيان ڪيو ويو ته جيڪو شخص مسلمان مردن ۽ عورتن جي لاءِ  ڀلائي جي دُعا گھري ٿو، قيامت جو جڏهن انهن وٽان لنگھندو ته هڪ چوڻ وارو چوندو: هي اهو آهي جيڪو دُنيا ۾ توهان لاءِ دُعاءِ خير ڪندو هو، پوءِ اهي مسلمان ان جي شفاعت ڪندا ۽ ان کي جنّت ۾ وٺي ويندا۔ ([2])

 * هڪ شخص هيئن دُعا گھري رهيو هو: اَللّٰهُمَّ اغْفِرْلِي (اي الله پاڪ! منهنجي مغفرت فرماءِ)۔ اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مُصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان جي اها دُعا ٻُڌي ته فرمايائون: جيڪڏهن عام ڪرين ها (يعني ٻين مسلمانن جي لاءِ به گھرين ها) ته تنهنجي دُعا قبول ٿئي ها([3])* حديثِ پاڪ ۾ آهي، اسان جي پياري آقا، نُور واري مُصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: جيڪو سڀني مسلمان مردن ۽


 

 



[1]...فضائل دُعا، صفحہ:86۔

[2]...فضائل دُعا، صفحہ:86۔

[3]...ردّ المحتار، کتاب الصلاۃ، باب صفۃ الصلاۃ، مطلب فی الدعاء، جلد:2، صفحہ:286۔