Book Name:Imam Shafi Ke Ala Ausaf
رَبَّنَا اغْفِرْ لِیْ وَ لِوَالِدَیَّ وَ لِلْمُؤْمِنِیْنَ یَوْمَ یَقُوْمُ الْحِسَابُ۠(۴۱) (پاره13،سورۂ ابرٰھيم:41)
ترجَموڪنزُالعرفان: اي اسان جا ربّ! مون کي ۽ منهنجي ماءُ پيءُ کي ۽ سڀني مسلمانن کي بخشي ڇڏ.
اي عاشقانِ رسول! دُعا بهترين عِبَادت بلڪ حديثِ پاڪ ۾ ارشاد ٿيو: اَلدُّعَاءُ مُخُّ الْعِبَادَۃِ دُعا عِبَادت جو مغز آهي۔([1]) دُعا جو هڪ بهترين فائِدو هي به آهي ته دُعا مُفت جي نيڪي آهي، هن تي ڪو پيسو خرچ ناهي ٿيندو، ڪا محنت ناهي لڳندي، بَس دِل جي تَوَجُّھ ۽ زبان جي حرڪت جي ضرورت آهي، دُعا ٿي ويندي آهي بلڪ زبان کي حرڪت نه ڏيون، تڏهن به دِل ئي دِل ۾ دُعا ڪري سگھجي ٿي۔ پر ڏٺو ويندو آهي، اسان وٽ ماڻهو دُعا جي معاملي ۾ سستي سان ڪم وٺندا آهن، هاڻي اسان وٽ پنهنجي حق ۾ دُعا گھرڻ وارا به تمام گھٽ آهن، جيڪي نمازون پڙھن ٿا، ديني ذهن رکن ٿا، اهي ئي عام طور دُعا جي طرف تَوَجُّھ ڪن ٿا، نه ته ڪيئي ماڻهو آهن جيڪي مشڪلات جو شِڪار هجن، پريشاني ۾ مبتلا هجن، بيمار ٿي وڃن، قرضن ۾ ڦاسي پون ته ٻيا اسباب اِختيار ڪندا آهن پر دُعا ناهن گھرندا، جڏهن ته حديثِ پاڪ ۾ دُعا کي مؤمن جو هٿيار چيو ويو آهي۔ ([2])
پوءِ جيڪي ماڻهو دُعا گھرندا آهن، انهن ۾ کوڙ سارا اهي آهن جيڪي پنهنجي لاءِ ته دُعائون گھرندا آهن پر ٻين مسلمانن جي لاءِ دُعا ناهن گھرندا۔ اسان کي گھرجي ته اسان پنهنجي لاءِ به خُوب دُعائون گھرون ۽ ٻين جي لاءِ به ياد ڪري لازمي دُعا گھرون، اِنْ شَآءَ اللهُ الْڪَرِيْم! هن جون بيشُمار برڪتون نصيب ٿينديون۔