Imam Shafi Ke Ala Ausaf

Book Name:Imam Shafi Ke Ala Ausaf

تمام مسلمانن جي لاءِ دُعا ڪندا هئا

حضرت حَسَن ڪرابِيسِي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: مون کي ڪيئي ڀيرا امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه سان گڏ رهڻ جي سَعَادت ملي۔ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه هڪ ٽهائي رات نماز پڙھندا هئا، معمول مبارڪ هي هو جو ڪڏهن نماز ۾ 50 آيتن جي تلاوت ڪندا هئا ۽ ڪڏهن 100 آيتون تِلاوت ڪندا هئا۔ تِلاوت جو انداز هي هوندو هو جو جڏهن رحمت واري آيت تي پهچندا هئا ته الله پاڪ جي بارگاھ ۾ پنهنجي لاءِ ۽ تمام مسلمانن جي لاءِ رحمت جي دُعا گھرندا هئا ۽ جڏهن عذاب واري آيت پڙھندا ها ته ان کان پناھ گھرندا هئا ۽ پنهنجي لاءِ ۽ تمام مسلمانن جي لاءِ نجات جي دُعا گھرندا هئا۔([1])

  پيارا اسلامي ڀائرو! هتي هي شرعي مسئلو ياد رکو ته نفل نماز اڪيلو پڙهي رهيا هجون ته رحمت واري آيت تي رحمت ملڻ جي ۽ عذاب وارن آيتن تي عذاب کان بچڻ جي دعا ڪرڻ جائز آهي، فرض نمازن ۾ دورانِ تلاوت ايئن دعا ڪرڻ منع آهي.( ہار شریعت، حصّہ:3، جلد:1، صفحہ:548)

حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام جي هڪ مبارڪ دُعا

سُبْحٰنَ الله! پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي پاڪيزه سيرت جو هي ڪيترو پيارو پهلو آهي جو پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه صِرف پنهنجي لاءِ ئي نه، بلڪ سمورن مسلمانن جي لاءِ دُعا ڪندا هئا۔ هي الله پاڪ جي خليل حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام جو مبارڪ طريقو آهي، الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ حضرت ابراهيم خليلُ الله عَلَيۡهِ السَّلَام جي هڪ دُعا هنن لفظن ۾ ذِڪر ڪئي آهي:


 

 



[1]...تاریخ بغداد، محمد بن ادریس شافعی، جلد:2، صفحہ:61۔