Book Name:Imam Shafi Ke Ala Ausaf
کي پنهنجي رَبِّ ڪريم جو پاڪيزه ڪلام پڙھڻ جي لاءِ ڪيئي ڪيئي ڏينهن، ڪيئي ڪيئي هفتا بلڪ ڪيئي ڪيئي مهينا به وقت ناهي ملندو بلڪ وقت ملڻ جو ته ڪهڙو شڪوه ڪريون، اسان کي ته ياد به نٿو اچي ته اسان کي تِلاوت به ڪرڻي آهي، اسان پنهنجي هدف ۾ تِلاوت کي شامِل ئي ناهي ڪيو هوندو۔ ڪاش اسان قرآن جي تلاوت جا شوقين بڻجي وڃون!
وہ معزَّزتھے زمانے میں مسلماں ہو کر اور تم خوار ہوئے تارِکِ قرآں ہو کر
*تلاوتِ قرآن هن امت جي افضل ترين عبادت آهي. * قرآنِ پاڪ جو هڪ حرف پڙهڻ تي 10 نيڪين جو ثواب ملندو آهي. * جنهن گهر ۾ قرآن پڙهيو ويندو آهي اهو گهر پنهنجي رهڻ وارن تي ڪشاده ٿيندو آهي. * ان گهر ۾ ڀلائي گهڻائي سان ٿيندي آهي. * اُن گهر ۾ ملائڪ ايندا آهن. * ان گهر مان شيطان نڪري ويندا آهن. (احیاء العلوم ، جلد:1، صفحہ:826) * تلاوتِ قرآن ڪرڻ وارن کي الله پاڪ شڪر گذارن جي ثواب کان افضل عطا فرمائيندو.(مسلم ، کتاب فضائل القرآن، صفحہ:402، حدیث:804) * اهلِ قرآن(يعني ان جي تلاوت ڪرڻ وارا ۽ ان جي احڪامن تي عمل ڪرڻ وارا) الله وارا ۽ اُن جا خاص ماڻهو آهن. (کنز العمال ، جلد:1، صفحہ:273، حدیث:2437ماخوذاً) * جيڪي نماز ۾ بيهي قرآنِ ڪريم جي تلاوت ڪري ان جي لاءِ هر حرف جي بدلي 100 نيڪيون آهن. * جيڪو ويهي تلاوت ڪري اُن جي لاءِ هر حرف جي بدلي 50 نيڪيون آهن. * جيڪو نماز کان علاوه باوضو تلاوت ڪري اُن جي لاءِ 25 نيڪيون آهن. (ابن ماجہ ، صفحہ:48، حدیث:) * تلاوتِ قرآن دلين جي صفائي جو ذريعو آهي.
الله پاڪ اسان کي به تِلاوتِ قرآن جي توفيق عطا فرمائي۔ آمِين بِجَاه خَاتَمِ النَّبِيٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ
تلاوت کی توفیق دیدے اِلٰہی! گُنَاہوں کی ہو دُور دِل سے سیاہی
صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي اللّٰهُ عَلٰي مُحَمَّد