Faizan e Ameer Muawiya

Book Name:Faizan e Ameer Muawiya

صحابه ڪرام عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان ايمان جو معيار آهن

اي عاشقانِ صحابه و اهل بيت! صحابي سڳورن عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان جي شان جي ڇا ڳالھ ڪجي، الله پاڪ انهن کي ايمان جو معيار قرار ڏنو آهي، ارشاد آهي:

فَاِنْ اٰمَنُوْا بِمِثْلِ مَاۤ اٰمَنْتُمْ بِهٖ فَقَدِ اهْتَدَوْاۚ- (پاره:1،سورۂ بقره:137)  

ترجمو ڪنز العرفان: پوءِ جيڪڏهن اهي به ائين ئي ايمان آڻين جيئن اوهان ايمان آندو ته اهي هدايت ماڻي ويا.

تفسير نعيمي ۾ هن آيت جي حوالي سان آهي: يعني اي صحابه! قيامت تائين جيڪو شخص توهان جيان ايمان آڻي، يعني مون (الله پاڪ کي)، منهنجي رسولن کي، منهنجي ڪتابن کي هن طرح مڃي جيئن توهان مڃيو آهي، تڏهن اهو هدايت تي آهي ۽ جيڪڏهن سڀ ڪجھ مڃي پر توهان وانگر نه مڃي ته هو گمراھ جو گمراھ آهي، اي صحابه! توهان تمام جنن ۽ انسانن جي ايمان جو معيار آهيو۔([1])

الله اَڪبَر ! غور فرمايو! صحابه ڪرام عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان جيڪي اسان جي ايمان جو معيار آهن، جن کي ڏسي، جن جون سيرتون پڙھي ڪري، جن جا اَحوال ۽ انداز ڄاڻي اسان کي پنهنجو ايمان مضبوط ڪرڻو آهي، ڇا انهن جو ذِڪرِ خير نه ڪيو ويندو؟ لَا حَوْلَ وَ لَا قُوَّۃَ اِلَّا بِاللهِ

 الله پاڪ اسان سڀني کي بي عقلي کان محفوظ فرمائي۔ صحابه ڪرام
عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان ته انبياءِ ڪرام عَلَيهمُ السَّلَام کان بعد اَفضَل ترين مخلوق آهن، انهن جا ڳُڻ به ڳائيبا، انهن جو ذِڪرِ خير به ٿيندو، انهن جي نالي جون مسجدون به ٺاهيون وينديون، انهن جا ڏهاڙا پڻ ملهايا ويندا ۽ اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! انهن جا نعرا به لڳايا ويندا، اڄ تائين نه صحابي سڳورن عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان جو ذِڪر رُڪيو آهي، نه قيامت تائين هي ذِڪر رُڪجندو۔


 

 



[1]...تفسیر نعیمی، پارہ:1، سورۂ بقرہ، زیرِ آیت:137، جلد:1، صفحہ:775 بتغیر قلیل۔