Book Name:Faizan e Ameer Muawiya
مخلص و باوَفَا! حضرت معاویہ باعَمَل بےریا حضرت معاویہ
جنّتی بےشُبہ! حضرت معاویہ باخُدا باصفا! حضرت معاویہ
وضاحت:باخُدا :يعني خدا جو قسم۔
ذِڪرِ امير معاويه رَضِىَ اللهُ عَنْه جو قرآن مان ثبوت
3: ٽئين ڳالھ جيڪا هتي اسان کي سکڻ لاءِ ملي اها هي ته الله پاڪ تورات شريف ۾ پنهنجي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي وصف بيان فرمائي، ان ۾ امير معاويه رَضِىَ اللهُ عَنْه جي سلطنت جو ذڪر ٿيو ۽ الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي رهيو آهي:
وَ تَكْتُمُوا الْحَقَّ وَ اَنْتُمْ تَعْلَمُوْنَ(۴۲) (پاره:1،سورۂ بقرۃ:42)
ترجمو ڪنز العرفان: ۽ ڄاڻي واڻي حق کي نه لڪايو
يعني اسان پنهنجي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جون جيڪي وصفون تورات شريف ۾ بيان ڪيون آهن، انهن کي لڪايو نه! انهن جي ساراھ ڪيو...!
هاڻي ٿورو غور فرمايو! جڏهن اسان تورات ۾ لکيل وصفِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو ذڪر ڪنداسين، اسان جھومي جھومي چونداسين: وَمُلْکُہٗ بِالشَّام يعني اسان جي آقا جو مقامِ سلطنت ملڪ شام هو ته ٻڌايو! هي ڪنهن جي ساراھ ٿي رهي آهي؟ هي ڪنهن جي بادشاهت جو بيان ٿي رهيو آهي؟ هي ڪنهن جي سلطنت جو بيان ٿي رهيو آهي؟ ها! ها! هي حضرت امير معاويه
رَضِىَ اللهُ عَنْه جي سلطنت جو ذِڪر ٿي رهيو آهي۔ سُبْحٰنَ الله ! پوءِ اسان نعرا ڇو نه لڳايون:
مخلص و باوَفَا! حضرت معاویہ باعَمَل بےریا حضرت معاویہ
جنّتی بےشُبہ! حضرت معاویہ باخُدا باصفا! حضرت معاویہ