Book Name:Faizan e Ameer Muawiya
حضرت امير معاويه رَضِىَ اللهُ عَنْه فَنَا فِي الرَّسُول آهن
2: ٻي ڳالھ هي خبر پئي ته حضرت امير معاويه رَضِىَ اللهُ عَنْه فَنَا فِي الرَّسُول جي وڏي رتبي تي فائِز هئا جو بظاهر مُلڪ شام کي دار الخلافه حضرت امير معاويه رَضِىَ اللهُ عَنْه بڻايو، ظاهر ۾ بادشاھ به امير معاويه رَضِىَ اللهُ عَنْه ئي هئا، تخت تي پاڻ ئي ويهندا هئا پر الله پاڪ فرمائي ٿو: وَمُلْکُہٗ بِالشَّام مطلب هي ته اها بادشاهت، اها سلطنت جنهن جا امير ظاهر ۾ امير معاويه رَضِىَ اللهُ عَنْه آهن، اها بادشاهت اَصل ۾ امير معاويه رَضِىَ اللهُ عَنْه جي ناهي بلڪه اها بادشاهت مصطفيٰ جانِ رحمت، شمعِ بزمِ هدايت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي آهي۔ هي ائين ئي آهي جيئن غزوه بدر جي موقعي تي ڪافرن جي طرف پٿريون حُضُور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اڇلايون هيون پر الله پاڪ فرمايو:
وَ مَا رَمَیْتَ اِذْ رَمَیْتَ وَ لٰكِنَّ اللّٰهَ رَمٰىۚ- (پاره:9،سورۂ انفال:17)
ترجَمو ڪنزُالعرفان: اي حبيب جڏهن توهان خاڪ اڇلائي ته توهان نه اڇلائي هئي بلڪه الله اڇلائي هئي
سُبْحٰنَ الله! هي آهي محبت جو بلند درجو..! سلطنت امير معاويه رَضِىَ اللهُ عَنْه قائِم فرمائن ۽ رَبّ فرمائي: هي سلطنت امير معاويه جي نه آهي بلڪه اسان جي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي آهي۔
وہ جس سے روٹھ جائیں تو رسول اُس سے روٹھ جائیں نبی سے اس طرح کی ہے قرابتِ معاویہ
خُدا کے فَضْل سے ملی، انہیں وہ عظمتِ گراں کوئی نہ تول پائے گا جلالتِ معاویہ
*-*-*-*
خائِفِ کبریا حضرت معاویہ عاشقِ مصطفےٰ حضرت معاویہ
خُوب رُوخوش ادا حضرت معاویہ خُوش نما خُوش لقا حضرت معاویہ