Faizan e Ameer Muawiya

Book Name:Faizan e Ameer Muawiya

ايمان افروز مدني گل

 اي عاشقانِ رسول! هن سڄي تفصيل مان 3 ايمان افروز مدني گل سکڻ لاءِ مليا:

ڪمالاتِ  صحابه  ڪمالاتِ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ آهن

1: صحابه ڪرام عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان جي ڪمالات جو ذِڪر صِرف انهن جي ڪمالات ئي جو ذِڪر نه آهي بلڪه هي وصفِ مصطفيٰ به آهي۔ ڏسو! حضرت امير معاويه رَضِىَ اللهُ عَنْه صحابي آهن، الله پاڪ تورات شريف ۾ سندن بادشاهت جو ذِڪر فرمايو پر ڪيئن؟ ڇا انهن جو ذِڪر ڪري؟ نه، نه، الله پاڪ وَصف بيان ڪيو پنهنجي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو ۽ ان وَصفِ پاڪ جو آئينه دار حضرت امير معاويه
رَضِىَ اللهُ عَنْه بڻيو. معلوم ٿيو؛ اسان صحابي سڳورن عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان جو شان بيان ڪيون ته هي صِرف شانِ صحابه جو بيان نه آهي بلڪه وصفِ مصطفيٰ به آهي * جڏهن اسان حضرت صِدِّيقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْه جو شان بيان ڪريون * حضرت فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جو شان بيان ڪريون * حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنْه جو شان بيان ڪريون*  حضرت مولا علي رَضِىَ اللهُ عَنْه جو شان بيان ڪريون * حضرت امير معاويه رَضِىَ اللهُ عَنْه جو شان بيان ڪريون * ڪنهن به صحابي رَضِىَ اللهُ عَنْه جو شان بيان ڪريون ته هي صحابي سڳورن عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان جي منقبت ته بلڪل آهي، پر ان سان گڏوگڏ هي نعتِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ به آهي ڇوته انهن سڀني کي جيڪو به شان مليو، جيڪي به رُتبا نصيب ٿيا، اهي سڀ سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي بدولت ئي نصيب ٿيا آهن۔

کیوں نہ ہو رُتبہ بڑا اَصْحاب و اَہْلِ بیت کا       ہے خُدائے مصطفےٰ اَصْحاب و اَہْلِ بیت کا

آل و اَصْحابِ نبی سب بادشہ ہیں بادشاہ       میں فقط ادنیٰ گدا اَصْحاب و اَہْلِ بیت کا([1])


 

 



[1]...وسائل فردوس، صفحہ:35۔