Book Name:Faizan e Ameer Muawiya
۾ مدينه منوره ئي ۾ قيام فرمايو* سندن بعد حضرت ابو بڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْه مسلمانن جا پهريان خليفه ٿيا، ان وقت به دار الخلافه مدينه منوره ئي هو * پوءِ حضرت عمر فاروق رَضِىَ اللهُ عَنْه ٻيون خليفو ٿيو، ان وقت به دار الخلافه مدينه منوره ئي هو * پوءِ حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنْه ٽيون خليفو ٿيو، ان وقت به دار الخلافه مدينه منوره ئي هو * پوءِ مولا علي رَضِىَ اللهُ عَنْه چوٿون خليفو ٿيو، کين ڪوفه کي دار الخلافه بڻايو * پوءِ امامِ حسن مجتبيٰ رَضِىَ اللهُ عَنْه پنجون خليفو ٿيو، ان وقت به دارالخلافه ڪوفه هو* هتي اچي خِلافتِ راشده جي مُدَّت جا 30 سال مڪمل ٿيا، ان کان بعد اسلام ۾ بادشاهت جو آغاز ٿيو ۽ اسلام جي تاريخ ۾ سڀ کان پهريان جيڪو بادشاھ ٿيو، اهو آهي: حضرت امير مُعَاوِيه رَضِىَ اللهُ عَنْه۔ حضرت امير مُعَاوِيه رَضِىَ اللهُ عَنْه ئي پهريون شخص آهي جن مُلڪ شام کي پنهنجو دار الخلافه مقرر فرمايو، ان کان پهريان اسلام جي تاريخ ۾ ڪنهن وقت به مُلڪ شام دارُ الحڪومت نه بڻيو۔
لهٰذا خبر پئي! اهو جيڪو تورات شريف ۾ ارشاد ٿيو هو: وَمُلْکُہٗ بِالشَّام يعني حضور جانِ ڪائنات صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مقامِ بادشاهت مُلڪ شام ٿيندي، حُضُورِ اڪرم، نُورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي صدقي اِهو حضرت امير معاويه رَضِىَ اللهُ عَنْه جي بادشاهت جو ذڪر آهي، جنهن کي تورات شريف ۾ اَوۡصَافِ مصطفيٰ (جي عنوان سان) وصفِ مصطفيٰ طَور بيان ڪيو ويو آهي۔
سُبْحٰنَ الله! سُبْحٰنَ الله! اي عاشقانِ صحابه و اهل بيت! حضرت امير معاويه رَضِىَ اللهُ عَنْه جي شان ۽ عظمت تي قربان وڃجي! الله پاڪ سندن حڪومت کي حڪومتِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ قرار ڏنو۔
وہ معاویہ پہلے عادِل بادشاہ اسلام کے پیشگوئی اس شہی کی کر گئے احمدرسول
مانتے ہیں اُن کی شانوں کو ہمارےسب بزرگ اُن کی عظمت کی ہیں قائِل سب سلیمانہ عقول
صَلُّوا عَلَي الحَبيب! صَلَّي اللّٰهُ عَلٰي مُحَمَّد