Faizan e Ameer Muawiya

Book Name:Faizan e Ameer Muawiya

قبول ڪيو ۽ ان تورات شريف ۾ لکيل ڪجھ اَوۡصَافِ مصطفيٰ به بيان ڪيا، ان چيو: اي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ! تورات شريف ۾ اوهان جي (هڪ) وصف هيئن (لکيل) آهي: مُحَمَّدُ بْنُ عَبْدِ اللہِ مَوْلِدُہٗ بِمَکَّۃَ وَ مُہَاجَرُہٗ بِطَیْبَۃَ وَ مُلْکُہٗ بِالشَّام مُحَمَّد بن عبد الله (صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ)، مڪو پاڪ سندن ولادت جو هنڌ هوندو، طيبه پاڪ سندن هجرت جو مقام ٿيندو ۽ ملڪ شام سندن بادشاهت وارو هنڌ ٿيندو۔ ([1])

پيارا اسلامي ڀائرو! هاڻي اسان کي ٿوري توجھ سان هن وصفِ مصطفيٰ کي سمجھڻو آهي، تورات شريف ۾ بيان ٿيو؛ 1: مَوْلِدُہٗ بِمَکَّۃَ يعني مُحَمَّد  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي وِلادت جو هنڌ مڪه مڪرمه آهي، بلڪل واضِح ڳالھ آهي، حُضُور، جانِ عالَم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مڪه مڪرمه ئي ۾ پيدا ٿيا 2: پوءِ ارشاد ٿيو؛ مُہَاجَرُہٗ بِطَیْبَۃَ طيبه سندن مقامِ هجرت ٿيندو۔ هي به سڀني کي خبر آهي ته سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مڪه مڪرمه مان هجرت ڪري مدينه طيبه تشريف وٺي ويا 3: ٽئين نمبر تي ارشاد ٿيو: وَمُلْکُہٗ بِالشَّام  يعني ملڪ شام سندن مقامِ سلطنت ٿيندو۔

هي ڳالھ ظاهر طور عجيب آهي ڇوته سردارِ مڪه مڪرمه، سرڪارِ مدينه منوره صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن جي ظاهري زِندگي مبارڪ ۾ ملڪ شام تي ڪافِرن جي حڪومت هئي ۽ آخر تائين اتي ڪافِرن ئي جي حڪومت رهي۔ يعني هونئي ته حُضُور، جانِ ڪائنات صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سڄي ڪائنات جا مالِڪ ۽ مختار آهن پر ظاهري اعتبار سان 63 سالن جي مبارڪ زندگي ۾ ڪڏهن مُلڪ شام سندن حڪومت وارو مقام ناهي رهيو، پوءِ تورات شريف ۾ اِهو ڪيئن فرمايو ويو ته وَ مُلْکُہٗ بِالشَّامِ  (مُلڪ شام مُحَمَّد صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي بادشاهت جو مقام ٿيندو) ؟

اچو! هن سُوال جو جواب ڳولهڻ جي لاءِ ٿورو تاريخ ۾ غور ڪيون ٿا؛
* پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي ظاهري زندگي مبارڪ


 

 



[1]...مُسْتَدرَکْ، کتاب: آیات رسول اللہ، جلد:3، صفحہ:526، حدیث:4300۔