Faizan e Ameer Muawiya

Book Name:Faizan e Ameer Muawiya

پاڪ آهي، جيڪا الله پاڪ تورات شريف ۾ نازِل فرمائي۔([1]) لهٰذا بني اسرائيل کي حڪم ڏنو ويو ته اي تورات تي ايمان رکڻ جي دعويٰ ڪرڻ وارؤ! اسان تورات شريف ۾ پنهنجي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا اَوۡصَاف ۽ فَضَائِل بيان ڪيا آهن، وصفِ مصطفيٰ تورات ۾ بيان فرمائي آهي، هاڻي توهان تي لازم آهي ته توهان اسان جي محبوب جي نعتن ۾ نه پنهنجي طرفان باطِل جي ملاوٽ ڪيو، نه ئي اسان جي محبوب جون نعتون (سهڻا وصف) لڪايو! بلڪه جيترو ٿي سگھي اسان جي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جي نعتن(سهڻن وصفن) جي ساراھ ڪيو...!

سُبْحٰنَ الله! پيارا اسلامي ڀائرو! هتان کان اندازو لڳايو! ڪيترا خوش نصيب آهن اهي ماڻهو جيڪي اَوۡصافِ مصطفيٰ جو خُوب چرچو ڪن ٿا، جُھومي جُھومي نعتون پڙھن ٿا، الله پاڪ اسان سڀني کي نعتِ مصطفيٰ سان گهري محبت نصيب فرمائي۔

نعت سُنتا رہوں، نعت کہتا رہوں         آنکھ پُر نَم رہے، دِل مچلتا رہے

نجمؔ نامِ مُحَمَّد زباں پر رہے             ذِکْر ہوتا رہے، سانس چلتی رہے

 اي عاشقانِ رسول! الله پاڪ تورات شريف ۾ جيڪي اَوصَافِ مصطفيٰ
صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ بيان ڪيا آهن، بني اسرائيل کي حڪم ٿيو ته انهن کي بلڪل نه لڪائجو، بلڪ انهن جي ساراھ ڪندا رهو۔ اچو! تورات شريف ۾ ذڪر ٿيل هڪ  وصف مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  ٻڌون ٿا:

تَورات شريف ۾ مصطفيٰ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي هڪ صف

امام حاڪم جي مُسۡتَدۡرَڪ ۾ حديثِ پاڪ آهي: مسلمانن جي چوٿين خليفي، امير المؤمنين مولا علي مشڪل ڪشا شيرِ خُدا رَضِىَ اللهُ عَنْه روايت ڪن ٿا: هڪ ڀيري بني اسرائيل مان هڪ شخص بارگاھ رسالت ۾ حاضِر ٿي اسلام


 

 



[1]...حَاشیَۃ الصَّاوی عَلیٰ تَفسِیر الجَلالین، پارہ:1، سورۂ بقرۃ، تحت الآیۃ:42، جلد:1، صفحہ:67۔