Faizan e Ameer Muawiya

Book Name:Faizan e Ameer Muawiya

ناهي * ڪٽيل ننهن بيت الخلاء (Wash room) يا غُسل خاني ۾ اڇلائڻ مڪروه (تنزيهي) آهي، هن سان بيماري پيدا ٿئي ٿي * اربع جي ڏينهن ننهن نه ڪٽڻ گھرجن، هن سان بَرص(يعني جسم تي سفيد داغ) ٿيڻ جو انديشو آهي البت جيڪڏهن 39 ڏينهن کان نه ڪٽيا هئا ۽ اڄ اربع تي چاليهيون ڏينهن آهي جيڪڏهن اڄ نٿو ڪٽي ته 40 ڏينهن کان وڌيڪ ٿي ويندا ۽ ڪل 41 ڏينهن شروع ٿي ويندو ته ان تي واجب ٿيندو ته اڄوڪي ڏينهن ئي ڪٽي، ان ڪري جو 40 ڏينهن کان وڌيڪ ننهن رکڻ ناجائز ۽ مڪروه تحريمي آهي * ڊگھا ننهن شيطان جي نِشَست گاھ آهن يعني انهن تي شيطان ويهندو آهي * رات جو ننهن ڪٽڻ ۾ حرج ناهي۔([1])

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه ُعَلٰي مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! مختلف سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي ”بهارِ شريعت“ جلد:3، حصو: 16 ۽ شيخِ طريقت، امير اهلسنت دَامَت بَرَکاتُهمُ العَالِيه جو 91 صفحن جو رسالو ”550 سنتون ۽ آداب“ خريد ڪيو ۽ پڙھو، سنتون سکڻ جو هڪ ذريعو دعوتِ اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقانِ رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر پڻ آهي۔

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰهُ عَلٰي مُحَمَّد

الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي۔

آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖنَ  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ۔



[1]...550 سنتیں اور آداب، صفحہ:50-51۔