Faizan e Ameer Muawiya

Book Name:Faizan e Ameer Muawiya

وَمَنْ اَحَبَّنِي كَانَ مَعِي فِي الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو۔([1])

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!       جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

ننهن ڪٽڻ جون سنتون ۽ آداب

2فرامين مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ : 1: جيڪو جمعي جي ڏينهن ننهن ڪٽي الله پاڪ اُن کي ٻئي جمعي تائين مصيبتن کان محفوظ رکندو ۽ ٽي ڏينهن وڌيڪ يعني ڏهه ڏينهن تائين۔ ([2]) 2: جيڪو جمعي جي ڏينهن ننهن ڪٽي، الله پاڪ ان کان بيماري کي پري ڪندو ۽ شفاء داخل ڪندو۔([3])

اي عاشقانِ رسول! * جُمعي جي ڏينهن ننهن ڪٽڻ مستحب آهي، ها جيڪڏهن گھڻا وڌي ويا هجن ته جُمعي جو انتظار نه ڪيو * روايت ۾ هٿن جا ننهن ڪٽڻ جو جيڪو طريقو بيان ٿيو آهي ان جو خلاصو پيش خدمت آهي؛ پهرين ساڄي هٿ جي شهادت واري آڱر کان شروع ڪري ترتيبوار چيچ سميت ننهن ڪٽيا وڃن پر آڱوٺو ڇڏيو وڃي، هاڻي کٻي هٿ جي چيچ کان شروع ڪري ترتيبوار آڱوٺي سميت ننهن ڪٽيو، پوءِ هاڻي آخر ۾ ساڄي هٿ جي آڱوٺي جو ننهن ڪٽيو وڃي۔ * پيرن جي ننهن ڪٽڻ جي ڪا ترتيب منقول ناهي۔ بهتر اهو آهي ته ساڄي پير جي چيچ کان شروع ڪري ترتيبوار آڱوٺي سميت ننهن ڪٽيو پوءِ کاٻي پير جي آڱوٺي کان شروع ڪري چيچ سميت ننهن ڪٽيو۔ * جنابت جي حالت (يعني غسل فرض هجڻ جي حالت) ۾ ننهن ڪٽڻ مڪروهه (تنزيهي) آهي۔ * ڏند سان ننهن ڪٽڻ مڪروهه (تنزيهي) آهي ۽ ان سان برص (يعني ڪوڙهه) جي بيماري ٿيڻ جو انديشو آهي۔ * ننهن ڪٽڻ کان پوءِ انهن کي دفن ڪري ڇڏيو ۽ جيڪڏهن اڇلائي ڇڏيو ته به حرج


 

 



[1]...مشکوٰۃ،کتابُ:الْاِیمان،بابُ:الْاِعْتِصَام، جلد:1، صفحہ:55، حدیث:175۔

[2]...مرقاۃ المفتاتیح، کتاب اللباس، باب الترجل، جلد:8، صفحہ:275، تحت الحدیث:4422۔

[3]...مصنف ابن ابی شیبہ، کتاب الجمعۃ، جلد:2، صفحہ:65، حدیث:2۔