Book Name:Faizan e Ameer Muawiya
ماحول سان وابسته ٿي وڃو ۽ ذيلي حلقي جي 12 دِيني ڪمن ۾ خُوب اڳتي وڌي حِصو وٺو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! هن جون بيشُمار برڪتون نصيب ٿينديون۔ ذيلي حلقي جي 12 دِيني ڪمن مان هڪ ديني ڪم آهي: مدني قافلو، اچو! ترغيب جي لاءِ هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا:
جيڪب آباد سندھ جي هڪ اسلامي ڀاءُ جو بيان ڪجھ هن طرح آهي: پهريان مان غلط عقيدو رکندڙ ۽ کوڙ اخلاقي بُرائين جي دلدل ۾ وڪوڙيل هئس، روزانو رات جو نشو ڪندو هئس، پوءِ بَدمست ٿي گھر پهچندو هئس ۽ بستر تي بي سُڌ ٿي سمهي پوندو هئس۔ منهنجي امڙ منهنجي حالت ڏسي روئيندي هئي ۽ مون کي سمجھائيندي هئي پر مون تي ڪو اثر نه ٿيندو هو، غالباً 2010ء جي ڳالھ آهي، منهنجي ملاقات دعوت اسلامي سان وابسته هڪ اسلامي ڀاءُ سان ٿي، ان مون کي سمجھايو ۽ مدني قافلي ۾ سَفر جي ترغيب ڏياري، ايئن مون کي زندگي ۾ پهريون ڀيرو مدني قافلي ۾ سَفر جي سعادت ملي۔ الحمد لله! مدني قافلي جي برڪت سان جتي گھڻو ڪجھ سکڻ لاءِ مليو، اتي بدعقيدگي ۽ نشي جي بُري عادت کان توبه جي توفيق به نصيب ٿي۔ ([1])
اچّھی نیّت کا پھل پاؤ گے بے بدل سب کرو نیّتیں قافلِے میں چلو
دُور بیماریاں اور ناداریاں ہوں ٹلیں مشکلیں قافلے میں چلو ([2])
صَلُّوا عَلَي الحَبيب! صَلَّي اللّٰهُ عَلٰي مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب زندگي بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان آهي: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِي فَقَدْ اَحَبَّنِي