Book Name:Faizan e Ameer Muawiya
سان محبت ڪيو ٿا؟ عرض ڪيائون: ان ذات جو قسم جنهن کانسواءِ ڪو عبادت جي لائق نه آهي! مان الله پاڪ جي رضا جي لاءِ علي سان محبت ڪيان ٿو۔ آقاءِ دوجهان، سلطانِ ڪون و مڪانصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: عنقريب توهان ٻنهي جي وچ ۾ ڪجھ آزمائش ٿيندي۔ حضرت امير معاويه رَضِىَ اللهُ عَنْه عرض ڪيو: يارسُوْلَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ! ان کان بعد ڇا ٿيندو (يعني پاڻ ۾ هن آزمائش جو نتيجو ڪهڙو نڪرندو) ؟ مالڪ جنّت، قاسِمِ نعمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: ان کان بعد الله پاڪ جي طرفان معافي، الله پاڪ جي رضا جو حُصُول ۽ جنّت ۾ داخلو (نصيب) ٿيندو۔ ([1])
اي عاشقانِ رسول! ڏٺو اوهان! حضرت علي المرتضيٰ رَضِىَ اللهُ عَنْه ۽ حضرت امير معاويه رَضِىَ اللهُ عَنْه جي پاڻ ۾ هن خالِص ديني اختلاف جو فيصلو خُود سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو آهي، هاڻي اسان جهڙن جي ڇا جُرئت جو اسان صحابه ڪرام عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان جي پاڻ ۾ معاملات ۾ دخل اندازي ڪريون۔ اسان کي صحابه ڪرام عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان جي ادب جو حڪم ڏنو ويو ۽ اسان کي ادب ئي ڪرڻو آهي ۽ بَس!
بڑوں کے اختلاف میں پڑیں نہ ہم، یہی ہے خیر رکھیں ہم اُلْفتِ علی، ارادتِ معاویہ
الله پاڪ اسان کي تمام صحابه ۽ اَهلِ بيت جو باادب بڻائي، صحابه ۽ اَهلِ بيت رَضِىَ اللهُ عَنْهُم سان بي پناھ محبتون اسان کي نصيب فرمائي۔ آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّیْن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ۔
صَلُّوا عَلَي الحَبيب! صَلَّي اللّٰهُ عَلٰي مُحَمَّد
12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: مدني قافلو
اي عاشقانِ رسول! عشقِ رسول جا جام پيئڻ، صحابه ۽ اَهلِ بيت جي محبت دِل ۾ وڌائڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني