Faizan e Ameer Muawiya

Book Name:Faizan e Ameer Muawiya

اختلافات ته انهن جي وچ ۾ فيصلو ڪرڻ جو حق نه اسان جو آهي، نه ئي اسان کي اها ذِمّيداري سونپي وئي آهي۔

هونئن به سمورا صحابي سڳورا عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان پاڻ ۾ تمام گھڻي محبت ڪرڻ وارا، پاڻ ۾ ڀاءُ ڀاءُ آهن، انهن جو ڪڏهن به ڪنهن دُنياوي لالچ جي ڪري پاڻ ۾ اختلاف نه ٿيو۔ الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ صحابه ڪرام عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان جو شان بيان ڪندي فرمائي ٿو:

مُحَمَّدٌ رَّسُوْلُ اللّٰهِؕ-وَ الَّذِیْنَ مَعَهٗۤ اَشِدَّآءُ عَلَى الْكُفَّارِ رُحَمَآءُ بَیْنَهُمْ  (پاره:26،سورۂ فتح:29)

ترجَمو ڪنزُالعرفان: محمد الله جا رسول آهن ۽ ان جا ساٿي ڪافرن تي سخت، پاڻ ۾ نرم دل آهن.

امام جلال الدين سيوطي شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡهرُحَمَاءُ بَيْنَهُمْ“ جي معنيٰ بيان ڪندي فرمائن ٿا: مطلب هي آهي ته صحابه ڪرام عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان پاڻ ۾ اهڙي محبت رکن ٿا جيئن والِد کي پنهنجي اولاد سان محبت هوندي آهي۔([1]) سُبْحٰنَ الله! خبر پئي؛ سڀئي صحابه ڪرام عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَانپاڻ ۾ هڪٻئي سان ڪا رنجش نه  رکندا ها۔

باقي رهيو حضرت امير معاويه رَضِىَ اللهُ عَنْه ۽ حضرت مولا علي شير خدا رَضِىَ اللهُ عَنْه جو پاڻ ۾ اختلاف! ته ان جو فيصلو خُود اسان جي آقا، پياري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو آهي۔

معاويه ۽ علي...! جنّتي! جنّتي!

جيئن ته پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا سوٽ، سُلطانُ الۡمُفَسِّرين حضرت عبد الله بن عبّاس رَضِىَ اللهُ عَنْهما فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن مان بارگاھ رسالت ۾ حاضِر هئس، حضرت ابو بڪر صديق، عمر فاروق، عثمانِ غني ۽ امير معاويه رَضِىَ اللهُ عَنْهُم به موجود هئا، حضرت علي المرتضي رَضِىَ اللهُ عَنْه به آيا، ان وقت غيب ڄاڻڻ واري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: معاويه! ڇا توهان علي


 

 



[1]...حَاشیَۃ الصَّاوی عَلیٰ تَفسِیر الجَلالین، پارہ:26، سورۂ فتح، تحت الآیۃ:29، جلد:3، صفحہ:319۔