Book Name:Faizan e Ameer Muawiya
ننهن کي سنهو ڪري منهنجي اکين تي رکي ڇڏجو ۽ سرڪارِ عالي وقار، مديني جي تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا مبارڪ وار منهنجي منهن ۽ نڪ ۾ ڀرجو، ممڪن آهي ته هنن تبرڪات جي برڪت سان الله پاڪ مون تي رحم فرمائي۔([1])
تبرکاتِ مصطفےٰ لحد کے واسطے چُنے عقیدے کا چراغ ہے وصیتِ معاویہ
آخري وقت گھر وارن کي نيڪي جي دعوت ڏنائون
آخري وقت حضرت امير معاويه رَضِىَ اللهُ عَنْه پنهنجي گھر وارن کي نيڪي جي دعوت ڏيندي فرمايائون: الله پاڪ کان ڊڄندا رهو، ڇوته جيڪو الله پاڪ کان ڊڄي ٿو، الله پاڪ ان کي پنهنجي امان ۾ رکي ٿو ۽ الله پاڪ کان نه ڊڄڻ وارن جي لاءِ ڪابه پناھ گاھ نه آهي۔ انهيء نيڪي جي دعوت تي حضرت امير معاويه رَضِىَ اللهُ عَنْه آخرت جي طرف سَفر فرمائي ويا۔([2])
صحابي سڳورا عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان پاڻ ۾ ڀائر آهن
اي عاشقانِ رسول! هڪ ڀيري حضرت امير معاويه ۽ حضرت مولا علي شيرِ خُدا رَضِىَ اللهُ عَنْهمَا جو پاڻ ۾ ڪجھ اختلاف ٿي پيو هو پر اِهو اختلاف به ڪنهن دُنياوي لالچ جي ڪري نه هو، هي خالص هڪ ديني معاملي ۾ اختلاف هو۔ نادان ماڻهو انهن ٻنهي جنّتي صحابه ڪرام عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان جي پاڻ ۾ ديني اختلاف کي بنياد بڻائي حضرت امير معاويه رَضِىَ اللهُ عَنْه جي سخت گستاخيون ڪن ٿا ۽ بعض اهڙا به نادان آهن جيڪي مولا علي شيرِ خُدا رَضِىَ اللهُ عَنْه کي بُرو ڀلو چون ٿا۔ هن بابت هميشه ذِهن ۾ رکو! وڏن جون ڳالهيون وڏن ئي کي زيب ڏين ٿيون، صحابه ڪرام عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان اُمَّت جا سڀ کان بُلند رُتبي وارا آهن، اسان جو ايترو ئي حق آهي ته اسان تمام صحابه ڪرام عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان جو بَس ادب، ادب ۽ ادب ئي ڪريون، باقِي رهيا صحابه ڪرام عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان جا ڪجھ پاڻ ۾ ۽ خالِص ديني