Faizan e Ameer Muawiya

Book Name:Faizan e Ameer Muawiya

جڏهن به امامِ حَسَن مجتبيٰ رَضِىَ اللهُ عَنْه يا امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنْه سان ملاقات ٿيندي هئي ته پاڻ استقبال ڪندي فرمائيندا هئا: مَرْحَباًوَ اَھْلاً بِاِبْنِ رَسُولِ الله! يعني خوش آمديد! خوش آمديد! اي شهزادهء مصطفيٰ...! ([1])

وہ اَہْلِ بیت کے مُحِبّ، وہ اَہْلِ بیت کے حبیب      دو آتشہ ہوئی ہے یوں وجاہتِ معاویہ

وِصَالِ امير معاويه رَضِىَ اللهُ عَنْه

 پيارا اسلامي ڀائرو! جنّتي صحابي حضرت امير معاويه رَضِىَ اللهُ عَنْه 78 سال هن دُنيا ۾ تشريف فرما رهيا، آخر 60 هجري تي رجب المرجب جي مبارڪ مهيني ۾ جمعرات جي ڏينهن هن دُنيا مان رخصت ٿيا۔ سندن مزار مبارڪ دمشق ۾ بابُ الصَّغِير وٽ آهي، سندن مزار مبارڪ جي چوڌاري هڪ عاليشان عِمَارت تعمير ڪئي وئي آهي، هر سومر ۽ جمعرات تي مزار مبارڪ کولي ويندي آهي ۽ خاص و عام مزار مبارڪ تي حاضِري جي سَعَادت ماڻيندا آهن۔ ([2])

امير معاويه جي وِصال جي ايمان افروز ڪيفيتون

 روايتن ۾ آهي: وِصال مبارڪ کان پهريان حضرت امير معاويه رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمايو: مون کي ويهاريو! پوءِ کين ويهاريو ويو، پوءِ پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه الله پاڪ جو ذِڪر ۽ تسبيح ڪرڻ لڳا۔([3])

روايتن ۾ هي به آهي ته حضرت امير معاويه رَضِىَ اللهُ عَنْه وٽ سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي قميض مبارڪ، ڪجھ  تراشيل ننهن مبارڪ ۽ مُوءِ مقدس(وار مبارڪ) هئا، پنهنجي مَرضُ الموت ۾ حضرت امير معاويه رَضِىَ اللهُ عَنْه وصيت فرمائي ته جڏهن منهنجو وصال ٿي وڃي ته رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي قميض مبارڪ منهنجي بدن سان ملائجو ۽ مبارڪ


 

 



[1]...طبقات ابن سعد، الحسین بن علی، جلد:6، صفحہ:409۔

[2]...فیضان امیر معاویہ، صفحہ:246۔

[3]...لباب الاحیاء، باب:الاربعون فی ذکر الموت، فصل:فی کلام المحتضرین، صفحہ:352۔