Faizan e Ameer Muawiya

Book Name:Faizan e Ameer Muawiya

ٻيان ٻڌڻ جون نيتون

حديثِ پاڪ ۾ آهي: اِنَّمَا الْاَعْمَالُ بِالنِّیّات  عملن جو دارو مدار نيتن تي آهي۔([1])

 پيارا اسلامي ڀائرو! سٺي نيت ماڻهو کي جنّت ۾ پهچائيندي آهي، بيان ٻڌڻ کان پهريان ڪجھ سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺو! مثلاً نيت ڪريو: * رِضَاءِ اِلٰهي جي لاءِ بيان ٻُڌندس * عِلمِ دين سکندس * پورو بيان ٻُڌندس * ادب سان ويهندس * نصيحت حاصِل ڪندس * اَحمَدِ مُجتبيٰ، مُحَمَّد مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو مبارڪ نالو ٻڌي درودِ پاڪ پڙھندس۔

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰهُ عَلٰي مُحَمَّد

وصفِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ نه لڪايو...!

پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ جي نبي حضرت يعقوب عَلَيۡهِ السَّلَام جي اَولاد کي بني اسرائيل چيو وڃي ٿو، سيپاري: 1، سورت بقره، آيت نمبر: 42 ۾ الله پاڪ بني اسرائيل کي فرمايو:

وَ لَا تَلْبِسُوا الْحَقَّ بِالْبَاطِلِ وَ تَكْتُمُوا الْحَقَّ وَ اَنْتُمْ تَعْلَمُوْنَ(۴۲) (پاره:1،سورۂ بَقَره:42)      

ترجَمو ڪنزُالعرفان: ۽ حق کي باطل سان نه ملايو ۽ ڄاڻي واڻي حق کي نه لڪايو

هن آيت سڳوري ۾ بني اسرائيل کي ٻن ڳالهين کان منع ڪيو ويو آهي:
1: حق کي باطِل سان ناهي ملائڻو ۽ 2: حق کي ناهي لڪائڻو۔

آيت سڳوري ۾ ٻه ڀيرا لفظِ حق استعمال ٿيو آهي، هن حق مان ڇا مراد آهي؟ ان جي وضاحت ڪندي مُفَسِّر سڳورا فرمائن ٿا: نَعْۃُ مُحَمَّدٍ فِی التَّوْراۃِ يعني هن هنڌ حق مان مراد حُضُور جانِ ڪائنات، فخرِ موجودات صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اها وصفِ


 

 



[1]...بخاری، کِتَاب:بَدءُ الْوَحی، صفحہ:65، حدیث:1۔