Book Name:Faizan e Ameer Muawiya
امير معاويه جي هنن ٻن وصفن ۾ غور ڪيو! حِلۡم ۽ جُود (يعني ڪمالِ سخاوت) هي ٻئي اهي وصفون آهن جنهن شخص ۾ اهي وصفون پاتيون وڃن اهو تمام باطني بيمارين کان پاڪ ۽ صاف ٿي ويندو آهي۔
عَلَّامه اِبۡنِ حجر هَيۡتَمِي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: جنهن شخص جي دِل ۾ ذَري برابر به تڪبر هجي، اهو هر گز حِلۡم وارو نٿو ٿي سگھي(يعني جنهن ٻانهي ۾ ٿورڙو به تڪبر هجي، ان جي لاءِ غُصي کي قابُو ڪرڻ مشڪل آهي ۽ جيڪو ڪاوڙ کي قابُو نٿو رکي سگھي، اهو حِلۡم وارو ناهي هوندو۔ لهٰذا جيڪو شخص تڪبر کان بلڪل پاڪ صاف ٿي وڃي) ۽ غُصي جي آفتن کان بچي وڃي ته اهو تمام باطني خباثتن(بڇڙائين) کان بچي ويندو آهي ۽ جيڪو باطني خباثتن(بڇڙائين) کان بچي وڃي، اهو هر طرح جي ڀلائي حاصِل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو آهي۔
اهڙي طرح جُود (يعني ڪمالِ سخاوت) جي متعلق غور ڪيو! پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: حُبُّ الدُّنْیَا رَاْسُ کُلٍّ خَطِیْئَۃٍ دُنيا جي محبت هر بُرائي جي جڙ آهي۔ معلوم ٿيو؛ الله پاڪ جنهن شخص کي دُنيا جي محبت کان بچائي ۽ ان کي جُود و سخاوت جي نعمت عطا فرمائي، اها هن ڳالھ جي نشاني آهي ته ان شخص جي دِل ۾ ذَري برابر به حَسَد نه آهي ۽ اهو شخص فانِي دُنيا جي طلب نٿو رکي، بلڪه ظاهري ۽ باطني ڀلائين جي طرف تَوَجُّھ رکي ٿو۔([1])
هاڻي ڏسو! سچّي نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: وَمُعَاوِيَۃُ بْنُ اَبِي سُفْيَان اَحْلَمُ اُمَّتِي وَاَجَوَدُهَا ۽ معاويه بن ابوسفيان منهنجي اُمَّت ۾ سڀ کان وڌيڪ حِلۡم وارا (يعني بردبار) ۽ وڏا سخي آهن۔ هن مان معلوم ٿيو؛ * حضرت امير معاويه رَضِىَ اللهُ عَنْه غُصي تي مڪمل ڪنٽرول رکندڙ ھئا * پاڻ تڪبر کان پاڪ صاف هئا * پاڻ دُنيا جي محبت کان بلڪل جُدا هئا * صرف آخرت جا طلب گار هئا
* پاڻ حَسَد ۽ تمام باطني بيمارين کان بلڪل پاڪ صاف هئا * ۽ تمام باطني خُوبين جا جامِع هئا۔