Faizan e Ameer Muawiya

Book Name:Faizan e Ameer Muawiya

هي حضرت امير معاويه رَضِىَ اللهُ عَنْه جي باري ۾ جانِ عالَم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا تاثرات به آهن ته حُضُور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي نگاھ مبارڪ ۾ حضرت امير معاويه رَضِىَ اللهُ عَنْه هن ڳالھ جا اَهل هئا ته پاڻ هدايت يافته به بڻجن ۽ هدايت ڏيڻ وارا به بڻجن۔

ٿورو غور فرمايو! اسان جي آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا جنهن شخصيت بابت اهي تاثرات هجن ته هي هدايت يافته بڻجڻ جي به صلاحيت رکن ٿا، هدايت ڏيڻ وارا بڻجڻ جي به صلاحيت رکن ٿا ته ٻڌايو! اسان غلامن جو ان شخصيت جي باري ۾ ڪهڙو نظريو هئڻ گھرجي؟ يقيناً اسان جو نظريو اهو ئي هئڻ گھرجي جنهن جا اسان نعرا لڳايون ٿا:

مخلص و باوَفَا!   حضرت معاویہ   باعَمَل بےریا   حضرت معاویہ

جنّتی بےشُبہ!   حضرت معاویہ   باخُدا باصفا!     حضرت معاویہ

امير معاويه  رَضِىَ اللهُ عَنْه   جون ٻه اعليٰ وصفون

هڪ وڏي حديثِ پاڪ آهي، جنهن ۾ پياري نبي، مڪي مدني، مُحَمَّد عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ صحابي سڳورن عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان جون خصوصي وصفون بيان فرمايون  آهن، ان حديثِ پاڪ ۾ حضرت امير معاويه رَضِىَ اللهُ عَنْه جون 2 خصوصي وصفون بيان ڪندي رسولِ اڪرم، نُورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: وَ مُعَاوِيۃُ بْنُ اَبِي سُفْيَان اَحْلَمُ اُمَّتِي وَ اَجَوَدُهَا ۽ معاويه بن ابو سفيان منهنجي اُمَّت ۾ سڀ کان وڌيڪ حِلم وارا ۽ وڏا سخي آهن۔([1])

اي عاشقانِ رسول! هي به وڏي ايمان افروز حديثِ پاڪ آهي، پياري آقا، نور واري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ بظاهر حضرت امير معاويه رَضِىَ اللهُ عَنْه جون صِرف 2 وصفون بيان ڪيون آهن پر حقيقت ۾ هي صِرْف 2 وَصفون نه آهن، بلڪه امير معاويه رَضِىَ اللهُ عَنْه جي وصفن بابت ڄڻ پُورو ڪتاب آهي۔ عالم سڳورا فرمائن ٿا:


 

 



[1]...بغیۃ الباحث، کتاب : المناقب، باب:فیما اشترک فیہ ، جلد:1، صفحہ:893، حدیث:965۔